پاڪستانسنڌ

ڪڍڻ ۾ نيڪال وارو نظام مڪمل غيرفعال، گٽر نالا گندي پاڻي سان ڀريل

ڪڍڻ: تعلقي بدين جي سڀ کان وڏي آبادي رکندڙ ٽائون ڪميٽي ڪڍڻ ۾ سالن کان نيڪالي وارو نظام مڪمل غيرفعال بڻيل آهي، وڏي عرصي کان شھر جي گٽر نالن جي صفائي نه ھئڻ ڪري گٽر نالا گندي پاڻي سان ڀريل آهن، امڪاني برساتن دوران ضلعي بدين ۾ رين الرٽ جاري ھئڻ باوجود پبلڪ ھيلٿ کاتي ڪي به جوڳا انتظام نه ڪيا ويا آهن، شھر جي ڪيترن ئي پاڙن ۽ مين روڊ تي پاڻي بيٺل آهي، انھي حوالي سان شھرين رميش ڪمار، ڪفايت سنڌي، سليم نھڙيو ۽ ٻين صحافين کي ٻڌايو ته غلط ڊزائين سان شھر جو ٺھرايل ڊرينيج نظام مڪمل ناڪارا ٿيل آھي ھر سال برساتن ۾ گندي پاڻي جي لپيٽ ۾ اچون ٿا. ھنن ڊي سي بدين کان مطالبو ڪيو ته شھر جو ڊسپوزل بحال ڪري شھر جو پاڻي نيڪال ڪيو وڃي ۽ امڪاني برساتن ۾ گندي پاڻي جي لپيٽ ۾ اچڻ کان بچايو وڃي. رابطو ڪرڻ تي ٽائون آفيسر نعمان ملاح چيو ته ڊسپوزل جو ٽرانسفافر سڙيل آھي، باقي پبلڪ ھيلٿ کاتي طرفان جنريٽر ۽ تيل جو بندوبست ٿيل آھي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button