پيرولاشاري: ملڪ ۾ تيل جي اگهن ۾ واڌ ۽ مهانگائي خلاف اسماعيل ملاح، غلام نبي خاصخيلي، محمد بخش ملاح، بشير خاصخيلي، مامون ملاح، خانو لاشاري، دادو ڪولهي ۽ ٻين پريس ڪلب آڏو احتجاج بعد صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته پيٽرول جي مسلسل واڌ ٿيڻ جي ڪري شين جا اگھه چوٽ چڙهي ويا آهن، غريب طبقو هڪ ويلي لا پريشان آهن ۽ عيد به اچي رهي آهي، ٻارن لا ڪپڙا وٺون يا اٽو وٺون، اسان جي ملڪ جا سياستدان عوام کي رليف ڏيڻ بدران هڪٻئي تي تنقيد ڪرڻ ۾ پورا آهن. هنن چيو ته غريب عوام جو ڪوبه خيال نه آهي، هي ووٽ وٺڻ کانپو وڃي ايوانن ۾ سمهي ٿا رهن، اسان جهڙن مسڪينن ماڻهن جي ڪابه مالڪي نٿا ڪن، هنن مطالبو ڪيو ته خدارا عيد اچي وئي آهي، غريبن کي عيد بهتر نموني سان ملهائڻ لا حڪومت طرفان ڪو پيڪيج ڏنو وڃي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close