ڪوئيٽا: بلوچستان ۾ برساتن ۽ ٻوڏ تباهي آڻي ڇڏي آهي، مختلف واقعن جي نتيجي ۾ فوتين جو انگ وڌي 56 ٿي ويو آهي جڏهن ته 48 ماڻهو زخمي ٿي پيا آهن. قلعه سيف الله ۾ تنگي ڊيم ٽٽڻ سان ڪيترائي علائقا پاڻي هيٺ اچي ويا آهن، پاڪ افغان سرحدي ڳوٺن جا روڊ رستا به لڙهي ويا آهن، ڪان مهترزئي ۾ ڊيم ۾ گهارو پئجي ويو آهي، جڏهن ته پشين، قلعه سيف الله، مسلم باغ، قلعه عبدالله، زوب ۾ 7 ڊيم ٽٽي پيا، پاڻي جو تيز وهڪرو لاڏائن جون جهوپڙيون ۽ جانور لوڙهي ويو، پاڻي جي تيز وهڪري ۾ 2 عورتون ۽ 3 ٻار گم ٿي ويا، پشين ۾ پاڻي جي تيز وهڪري ڪچا گهر ڪيرائي ڇڏيا، پاڻي جي تيز وهڪري ۾ عورتن ۽ ٻارڙن سميت 5 ڄڻا فوت ۽ ڪيترائي ماڻهو لاپته ٿي ويا آهن. ٻئي پاسي پنجگور ۾ برسات سبب گهر جي ڀت ڪرڻ سان 4 ٻار فوت ٿي ويا، برسات جي ڪري بلوچستان پنجاب شاهراهه مختلف هنڌن تي بند ڪئي وئي، رابطا پل لڙهي وڃڻ سان ڪوهلو کان ڪوئيٽا سميت بلوچستان سان زميني رابطو ٽٽي ويو، برسات ۽ ٻوڏ کان متاثر علائقن ۾ پاڪ فوج ۽ ليويز جون امدادي سرگرميون جاري رهيون.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close