لاهور: تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان چيو آهي ته اڻڄاتل نمبرن تان مون کي ڌمڪيون ڏنيون پيون وڃن، حڪومت گرفتار ڪرڻ چاهي ٿي ته ڪري ڪو ڊپ ناهي، جڏهن ته نيوٽرلز سان ڪو جهيڙو ناهي. لاهور ۾ سينيئر صحافين سان ڳالهائيندي عمران خان چيو ته مان نيوٽرلز سان ڇو وڙهندس، مون ڪهڙي ريڊ لائن پار ڪئي آهي، صاف شفاف چونڊن کانسواءِ ملڪ بحران مان نه نڪرندو، مضبوط عوامي حڪومت ٺهندي ته ملڪي معيشت هلندي. هن چيو ته انهن حڪمرانن سان ته ڪير به ڳالهه ٻولهه ڪرڻ لاءِ تيار ناهي، جيڪڏهن ننڍي چونڊ ۾ ڌانڌلي ڪئي وئي ته اهو ملڪ جو ٻيو نقصان هوندو، مون کي ڇا آهي مان ته انتظار ڪندس، نقصان ته ملڪ جو ٿيندو، انهن چورن سان ڪڏهن اتحاد نه ڪندس، ڀلي اپوزيشن ۾ ويهڻو پئي. پيپلزپارٽي سان گڏ ويهڻ کان هزار ڀيرا بهتر آهي ته مان اپوزيشن ۾ ويهي رهان، سندس چوڻ هو ته جيڪو ڳالهيون ڪرڻ چاهي ته در کليل آهن، ڪنهن به اندروني ۽ ٻاهرين طاقت ذريعي ڪو بيڪ ڊور رابطو ناهي. هن چيو ته ملڪي معيشت تباهه ڪندڙن 1100 ارب رپين جو اين آر او ورتو، نيوٽرلز سان ڳالهيون ٿيون ته هڪ ئي موقف آهي ته فري اينڊ فيئر اليڪشن ٿئي، چورن سان ڪڏهن به اتحاد نه ڪندس، هن ڀيري حڪومت هڪ اشو رهيو ته مختلف ننڍيون پارٽيون بليڪ ميل ڪنديون رهيون.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close