اسلام آبادپاڪستان

مسلم امت کي ضرورتمندن جي مدد لاءِ ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي:وزيراعظم

اسلام آباد :وزيراعظم شهباز شريف پرڏيهه ۾ رهندڙ پاڪستانين سميت سموري مسلم امت کي عيدالاضحيٰ جون مبارڪون ڏيندي چيو آهي ته هي مقدس ڏينهن ايثار، قرباني ۽ الله تعاليٰ جي اطاعت جو پيغام آهي. ڇنڇر ڏينهن هڪ ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم چيو ته مسلم امت کي ضرورتمند ۽ مستحقن جي مدد لاءِ گڏيل ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي. ٻئي طرف وزيراعظم شهباز شريف مادر ملت فاطمه جناح جي ورسي جي موقعي خراج عقيدت پيش ڪندي چيو آهي ته مادر ملت جي پاڪستان جي قيام، پاڪستان جي باني ۽ تعمير پاڪستان جي لاءِ ڪيل عظيم خدمتن عيوض هن کي سموري قوم سلام پيش ڪري ٿي. محترمه فاطمه جناح قائداعظم محمد علي جناح جي ڀيڻ، بلڪه ان جي فڪري ورثي جي امين به هئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ طرفان جاري بيان مطابق وزيراعظم شهباز شريف پنهنجي پيغام ۾ چيو ته محترمه جي زندگي جو گهڻو حصو پنهنجي عظيم ڀاءُ سان گڏ گذريو. قائداعظم جي زندگي جي آخري 19 سالن ۾ محترمه فاطمه جناح هر گهڙي پنهنجي ڀاءُ سان گڏ رهي، محترمه فاطمه جناح پنهنجي عظيم ڀاءُ سان گڏجي پاڪستان جي قيام جي جدوجهد ۾ ڀرپور حصو ورتو.. هن چيو ته پاڪستان جي قيام کان پوءِ تمام ڪمزور قائد جي خدمت ۽ سار سنڀال ۾ ڏينهن رات هڪ ڪري ڇڏيو. پنهنجي عظيم ڀاءُ جي وفات کان پوءِ هن انهي جي مشن کي اڳتي وڌائڻ جو ڪم سنڀاليو. هن عورتن کي تحريڪ پاڪستان ۾ متحرڪ ۽ منظم ڪرڻ ۽ سياسي جدوجهد ۾ مردن سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي ڪردار ادا ڪرڻ جو حوصلو، همت ۽ رهنمائي ڪئي. قوم مادر ملت جي احسانن کي ڪڏهن به فراموش نه ٿي ڪري سگهي. الله تعاليٰ مادر ملت جا درجا بلند فرمائي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button