اسلام آباد :اڳوڻي صدر آصف علي زرداري جي اڳوڻي سينيٽر طاهر مشهدي جي وفات تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. ڇنڇر ڏينهن پنهنجي جاري تعزيتي بيان ۾ هن چيو ته مرحوم ڪراچي شهر جي ترقي لاءِ ڀرپور آواز اٿاريو. آصف علي زرداري اڳوڻي سينيٽر طاهر مشهدي جي پونئرن سان تعزيت جو اظهار ڪندي مرحوم جي مغفرت ۽ بلند درجن لاءِ دعا ڪئي. هوڏانهن پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين ۽ پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري اڳوڻي سينيٽر طاهر مشهدي جي وفات تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. ڇنڇر ڏينهن جاري پنهنجي تعزيتي بيان ۾ هن چيو ته اڳوڻو سينيٽر مرحوم طاهر مشهدي هڪ سياڻو ۽ مڃيل سياستدان هو ۽ ڪراچي شهر جي ترقي ۽ خوشحالي لاءِ بهترين ڪردار ادا ڪندو رهيو. بلاول ڀٽو زرداري مرحوم طاهر مشهدي جي مغفرت ۽ بلند درجن ۽ پونئرن جي صبر لاءِ دعا ڪئي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close