پاڪستانسنڌ

ڊگهڙي ۾ ٽرانسفارمر نه لڳائڻ خلاف رهواسين جو ڌرڻو

ڊگھڙي: ڊگهڙي شهر جي ملڪ پاڙي ۽ پراڻي گوشت مارڪيٽ جي رهواسين چوڌري صدام گل، محمد يونس راجپوت، عبدالحميد راجپوت، اختر ملڪ، اظھر فوجي، عمران قائمخاني، آصف راجپوت، ياسر جٽ ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ حيسڪو عملي جي زيادتين خلاف پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪري ٽائرن کي باهيون ڏئي روڊ بلاڪ ڪرڻ بعد ريلي جي صورت ۾ ميرپورخاص روڊ تي شهر جي داخلي گيٽن وٽ پهچي ڌرڻو هڻي روڊ بلاڪ ڪري سخت احتجاج ڪيو. اڳواڻن جو چوڻ هو ته گذريل ڪيترن ئي ڏينهن کان اسانجي ٻنهي پاڙن جا 2 الڳ الڳ لڳل ٽرانسفارمر سڙي چڪا آهن، جنهن جي مرمت ڪرڻ لا پاڙيوارن گڏجي ڦوڙي ڪري حيسڪو وارن کي پئسا ڏنا، ان باوجود ٽرانسفارمر ناهن لڳايا ويا. هنن چتا ڏنو ته جيڪڏهن فوري طور ٽرانسفارمر لڳائي بجلي بحال نه ڪئي وئي ته اسان سمورا پاڙيوارا پنهنجي گهرڀاتين معصوم ٻارن ۽ عورتن سان گڏ عيد ڏهاڙي بائي پاس تي ڌرڻو هڻي عيد روڊن تي گذارينداسين. هنن چيو ته ٻنهي پاڙن جي سوين گهرن ۾ بجلي نه هئڻ ڪري پيئڻ جي پاڻي جي کوٽ پيدا ٿي وئي آهي، وسڪاري جي موسم ۾ رات جو گرمي ۽ مڇرن جي آزار سبب سخت عذاب ۾ آهيون. ڊي ايس پي ڊگھڙي مير آفتاب ٽالپر ۽ ايس ايڇ او ڊگهڙي آفتاب رند ڌرڻي وارن سان ڳالهيون ڪري خاطري ڪرائي، جنهن بعد ڌرڻو ختم ڪيو ويو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button