پاڪستانسنڌ

ِآمريڪي شهري کي راڳ جو شوق،ڀٽائي جي درگاهه پهچي ويو

ڀٽ شاھه: آمريڪي شھري شاھه لطيف جو راڳ سکڻ لا ڀٽ شاھ پھچي ويو. انڊيا جي علائٔقي ڪڇ بعد آمريڪي شھري برين بانڊ ڀٽ شاھه ۾ شاھه جي راڳي استاد منٺار فقير جوڻيجو وٽ پھتو، جتي هن دنبوري جي تند تي شاهھ جي راڳ جا ڪجھه سر به سکي ورتا آھن ۽ بيتن سان گڏ ڪجھه وايون به دنبوري تي پڙھڻ لڳو آھي. درگاھه حضرت شاھه عبداللطيف ڀٽائي رحه تي شاهھ جي راڳي فقيرن سان گڏجي دنبوري تي راڳ به ڳايو. آمريڪي شھري برين بانڊ گذريل ڪجهھ سالن کان انڊيا جي علائقي ڪڇ ۾ راڳ جي سکيا ورتي. 2021ع ۾ شاھه لطيف جي عرس مبارڪ دوران برين بانڊ لا شاهھ لطيف ايوارڊ جو اعلان به ڪيو ويو، جيڪو ھاڻي ثقافت کاتي طرفان آمريڪي شھري حوالي ڪيو ويندو. ان سلسلي ۾ خصوصي ڳالھه ٻولهه ڪندي آمريڪي شھري برين بانڊ چيو ته آئون آمريڪي آهيان، نيوچيزي ۾ پيدا ٿيس، ھن وقت ڪيليفورنيا ۾ رھان ٿو. 5 ڏينھن اڳ پاڪستان اچڻ ٿيو ۽ تقريبن ڏيڍ 2 سال انڊيا ۾ ڪڇ گجرات واري علائٔقي ۾ راڳ ۽ صوفي ڪافين تي ريسرچ شروع ڪيو، تقريبن 8 سالن کان ڀٽائي تي ڪم ڪري رھيو آھيان، ڀٽ شاھه ۾ پھريون ڀيرو اچڻ ٿيو آھي، ھڪ ھفتي لا آيو آھيان، استاد منٺار فقير جوڻيجو وٽ راڳ سکان پيو، ھن وقت تائٔين 3 سر سکيا آھن، استاد منٺار سان پي لنگ ھانگ جي معرفت رابطو ٿيو آھي، جيڪا ھن وٽ راڳ سکي رھي ھئي، ان وقت آئون انڊيا ۾ ڪڇ گجرات ۾ استاد سومار فقير ۽ مٺا فقير ميرجت وٽ سکي رھيو ھئس، ان وقت منٺار فقير سان واٽس اپ تي رابطو ٿيو ۽ ان ذريعي ھن وقت پاڪستان پھتو آھيان. برين بانڊ چيو ته شاھه جو راڳ لاجواب آھي، استاد سومار چوندو ھو ته شاهھ جو راڳ خنجر جيان آھي، جيڪو دل ۾ لڳي ويھي وڃي ٿو، دنبوري جھڙو ساز دنيا ۾ ناھي، ھن جي خوشبو ڪجهھ الڳ آھي، آمريڪا ۾ مون وٽ دنبورو آھي، جيڪو استاد منٺار فقير جوڻيجو جو ٺھيل آھي، سنڌ جا ماڻھو مھمان نواز آھن، درگاھه جي اڱڻ تي راڳي فقيرن سان گڏ ويھي راڳ ڪرڻ منھنجي لا وڏو اعزاز آھي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button