پاڪستانسنڌ

سانگهڙ برساتي پاڻي ۾ ٻڏل،انتظاميا گم،شهرين لا عذاب

سانگھڙ: سانگھڙ شھر ۾ پيل برسات جو پاڻي ڪيترن ئي علائقن مان نيڪال ئي نه ڪيو ويو. شهر جي شاهھ مردان شاهه چوڪ، پير جو ٿلھو، گلشن ڪمال ڪالوني، گلشن سانوڻ ڪالوني، شفيع ڪالوني، واصف ٽائون ۽ ٻيا علائقا برسات جي پاڻي ھيٺ آيل آهن. ان حوالي سان شھرين عبدالله پنھور، اياز خاصخيلي، علي حيدر نظاماڻي ۽ ٻين چيو ته برسات کي اڄ چوٿون ڏينهن آھي پر بلديا عملي طرفان ڪيترن ئي علائقن ماڻ پاڻي ناھي ڪڍيو، مٿان عيد لڳي پئي آهي جڏهن ته عملو ڪٿي به نظر نٿو اچي برسات سبب پاڻي گھٽين ۽ روڊن تي بيھڻ ڪري گذرندڙن کي پريشانيون ٿي رھيون آهن, بلديه آفيس وڃون ٿا، پر ڪير به ٻڌڻ وارو ناهي. ٻئي پاسي ايڊمنسٽريٽر چيو ته شھر جي 50 سيڪڙو علائقن مان برسات جو بيٺل پاڻي ڪڍيو ويو آهي، جتي پاڻي بيٺل آهي، اتي پبلڪ ھيلٿ جا ڊسپوزل بند ھئڻ ڪري پاڻي نيڪال ناهي ٿيو، جيڪو عملو ايمرجنسي ۾ ڊيوٽي تي نه آيو آهي، ان کي شوڪاز نوٽيس جاري ڪيا ويا آهن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button