ميرپورخاص: ميرپورخاص ۾ ٽنڊو جان محمد واسڻ صاحب خاتون سولنگي، مڙس حاجي سولنگي ٻارن سميت ڌي جي بازيابي لاءِ پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو. ان موقعي تي صاحب خاتون سولنگي چيو ته 14 سالن جي ڪنواري ڌي حاجرہ سولنگي کي ناٺي علي احمد سولنگي ورغلائي اغوا ڪري ويو آهي، جنھن ڌي کي غني دل نالي شخص کي ھڪ لک روپين عيوض وڪرو ڪري ڇڏيو آهي، جڏهن ته ناٺي ڌي واپس ڏيڻ عيوض ھڪ لک روپيا گھري رهيو آهي، جڏهن ته اھڙي شڪايت حد جي ٿاڻي تي ڏيڻ باوجود پوليس ڪيس داخل ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي، ڇاڪاڻ ته علي احمد کي علائقي جي بااثر حاجي خالد جو آشيرواڌ حاصل آهي. هنن اختيارين کان مطالبو ڪندي چيو ته معاملي جو نوٽيس وٺي نياڻي کي بازياب ڪرايو وڃي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close