ڪوٽڙي: ڪوٽڙي جي ميونسپل ڪميٽي ٻولهاڙي ۾ برسات کانپو قربستانن، عيد گاهن، درگاهن ۽ گهٽين ۾ پاڻي جمع ٿي ويو. شهري، سياسي ۽ سماجي ڌرين جي اڳواڻن ايم سي آفيس اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪري جسقم جي مرڪزي اڳواڻ ديدار شام جي اڳواڻي ۾ نعريبازي ڪئي. احتجاج ۾ پ یپ ميونسپل ڪميٽي ٻولھاڙي جي صدر نياز ڪابورو، ايس يو پي اڳواڻ قاري وزير مجاهدي، قومي عوامي تحريڪ اڳواڻ ستار لهر، جساف اڳواڻ طارق سومرو ۽ ٻين شرڪت ڪئي. اڳواڻن چيو ته برساتي پاڻي نيڪال ڪريو يا ايم سي ٻولهاڙي مان نااهل سي ايم او اصغر ڀنڊ کي ڪڍيو وڃي. سي ايم او ٻولهاڙي ڪرپٽ ماڻهو آهي، جنهن جي حوالي ايم سي ٻولهاڙي ۽ ڄامشورو ٽائون حوالي ڪيو ويو. هنن چيو ته سي ايم او اصغر ڀنڊ چئي ٿو ته مان سي ايم سنڌ مراد شاهه جو ماڻهو آهيان، مونکي ڪير ڪجهه به نٿو ڪري سگهجي. اڳواڻن سي ايم او کي هٽائڻ لا تحريڪ جو اعلان ڪيو.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close