اسلام آباد: وفاقي گهرو وزير راڻا ثناءُ الله چيو آهي ته مان پنهنجي خلاف منشيات ڪيس ۾ اينٽي نارڪوٽڪس فورس جي ڪردار تي آرمي چيف کي لکت ۾ دانهن ڏئي چڪو آهيان. خانگي ٽي وي چئنل جي پروگرام ۾ ڳالهائيندي راڻا ثناءُ الله چيو ته مون تي 15 ڪلو هيروئن جو ڪوڙو ڪيس ٺاهڻ ۾ عمران خان، شهزاد اڪبر ۽ اڳوڻو ڊي جي اي اين ايف ميجر جنرل عارف ملڪ ملوث هئا. هن چيو ته 15 ڪلو هيروئن جو ٿيلهو شهزاد اڪبر وٽ موجود هو، هن اسلام آباد پوليس کي چيو ته اهو ٿيلهو پارليامينٽ لاجز ۾ راڻا ثناءُ الله جي لاج ۾ رکيو وڃي، اسلام آباد پوليس انڪار ڪيو ته اي اين ايف جو ميجر جنرل عارف ملڪ ان سازش ۾ ملوث ٿيو ۽ بدلي ۾ فائدا حاصل ڪيائين. سندس چوڻ هو ته ڪابينا ۾ فواد چوڌري کانسواءِ طارق بشير چيما ۽ اعجاز شاهه به ڪيس کي جعلي قرار ڏنو. راڻا ثناءُ الله چيو ته ان ڪيس ۾ اي اين ايف جي ڪردار تي آرمي چيف کي لکت ۾ دانهن ڏني آهي ۽ ان سان ملاقات ۾ به شڪايت ڪري چڪو آهيان، منهنجي شڪايت وصول ڪئي وئي آهي پر چيو ويو آهي ته آرمي جو جاچ جو پنهنجو طريقو هوندو آهي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close