حيدرآباد: حيدرآباد ۾ غلام شاهه ڪلهوڙو جي درگاهه انتظاميه درگاهه کي تالا لڳائي بند ڪري ڇڏيو، هزارين آيل ماڻهو دعا گهرڻ کان بغير واپس موٽي ويا، ان سلسلي ۾ سنڌ هاري ڪاميٽي جي مرڪزي صدر ثمر حيدر جتوئي چيو آهي ته غلام شاهه ڪلهوڙو جي درگاهه تي هر سال هزارين عقيدتمند حاضري لا.
ايندا آهن، هن سال مقبري جي گيٽ کي انتظاميه تالا لڳائي بند ڪري ڇڏيو آهي، تالا هڻڻ جي ڪري بابا سنڌ ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي جي مزار تي حاضري لا آيل دعا گهرڻ کان بغير واپس هليا ويا آهن، انتظاميه ڏاڍ جبر جو راج قائم ڪري ويٺي آهي، اسان جي ڪارڪنن سميت فيملي کي بابا سنڌ ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي جي مزار تي حاضري ڀرڻ نه ڏني وئي جنهن جي مذمت ڪيان ٿو.