پاڪستانسنڌ

جهمپير لڳ ڪوئلي جي کاڻ ۾ ٻڏي ويل پورهيت نينگر جو لاش 6 ڏينهن بعد هٿ

جهمپير: جهمپير لڳ ميٽينگ ريلوي اسٽيشن ڀرسان ڪوئلي جي کاڻ ۾ 6 ڏينھن اڳ برساتي پاڻي داخل ٿيڻ ڪري 9 پورهيتن جي ٻڏي فوت ٿيڻ واري واقعي جي آخري پورهيت نينگر 11 ورهين جي عمر پٽ علي محمد جو لاش هٿ ڪيو ويو آهي، جهمپير ٿاڻي تي واقعي جو ڪيس ڪوئلي جون کاڻيون هلائيندڙ چئن پٺاڻ مالڪن خلاف داخل ڪيو ويو آهي، ڇهن ڏينهن جي لڳاتار ريسڪيو آپريشن بعد آخري پورهيت نينگر عمر جو لاش ھٿ اچڻ بعد ريسڪيو آپريشن ختم ڪيو ويو آهي، ھٿ آيل نينگر جو لاش پوسٽ مارٽم لا جهرڪ اسپتال منتقل ڪري ضروري ڪارروائي بعد وارثن حوالي ڪيو ويو، ياد رھي ته 6 ڏينهن اڳ ميٽينگ ريلوي اسٽيشن لڳ جابلو علائقن ۾ پيل برساتن جو پاڻي ڪوئلي جي کاڻ ۾ داخل ٿيڻ ڪري 9 پورهيت ٻڏي فوت ٿي ويا هئا.

مسلسل ريسڪيو آپريشن دوران 8 پورهيتن جا لاش اڳ ۾ هٿ ڪيا ويا ھئا، جن جا لاش وارثن حوالي ڪيا ويا، جڏهن ته سمورن ٻڏي فوت ٿيل پورهيتن جو تعلق ڪي پي ڪي جي سوات واري علائقي سان آھي، ٻئي طرف سنڌ جي وڏي وزير پاران ان واقعي جو نوٽيس وٺڻ بعد ڪينجهر ٿاڻي تي معدنيات کاتي جي انتظاميه جي فرياد تي ڪوئلي جي کاڻين جي چئن مالڪن خلاف ايف آ آر داخل ڪئي وئي آھي، پوليس پاران لاپرواهي ۽ غفلت جي الزامن هيٺ داخل ڪرايل ايف آ آر کي ڳجهو رکندي ڪوئلي جي کاڻين جي مالڪن جي گرفتارين لا ڇاپن جو سلسلو شروع ڪيو ويو آھي، آخري اطلاعن تائين ڪابه گرفتاري عمل ۾ اچي نه سگھي آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button