حيدرآباد: عوامي تحريڪ جي مرڪزي آرگنائيزر لال جروار، مرڪزي اڳواڻ نور احمد ڪاتيار ۽ ايڊووڪيٽ وسند ٿري پنهنجي گڏيل پريس بيان ۾ قاسم آباد ۾ افغانين هٿان بلاول ڪاڪا جي قتل جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي چيو آهي ته حڪمران هٿ وٺي ڌارين هٿان سنڌين کي قتل ڪرائي، سنڌي ماڻهن جي نسل ڪشي ڪرائي رهيا آهن. هنن چيو ته سنڌ حڪومت توڙي وفاقي حڪومت عدالتي حڪمن جي ڀڃڪڙي ڪئي وئي، جنهن سبب بلاول ڪاڪا جهڙا نوجوان روزانو قتل ٿي رهيا آهن. ڪراچي بدامني ڪيس ۾ ملڪ جي سيڪيورٽي ادارن سپريم ڪورٽ ۾ رپورٽ جمع ڪئي ته ڪراچي ۾ 40 لک کان وڌيڪ پرڏيهي غيرقانوني طور رهن ٿا، جيڪي هٿيارن جي اسمگلنگ، منشيات فروشي، زمينن تي قبضن ۽ دهشتگردي جي واقعن ۾ ملوث آهن ۽ انهن مان ڪيترن جا تعلقات پرڏيهي دهشتگرد گروهن سان آهن.
ان ڪيس ۾ سپريم ڪورٽ حڪم ڪيو ته سمورن پرڏيهين کي 2018ع جي اليڪشن کان اڳ ملڪ مان نيڪالي ڏئي سندن ملڪن ڏانهن موڪليو پر سنڌ حڪومت توڙي وفاقي حڪومت سپريم ڪورٽ جي حڪمن جي ڀڃڪڙي ڪري، انهن پرڏيهين کي سنڌ جا جعلي شناختي ڪارڊ ۽ ڊوميسائيل ٺهرائي ڏنا. جنهن ڪري اهي سنڌ جي زمينن ۽ وسيلن تي قبضا ڪري، سنڌي ماڻهن جو قتل عام ڪرائي رهيا آهن. عوامي تحريڪ جي اڳواڻن چيو ته سپريم ڪورٽ جي حڪمن جي ڀڃڪڙي ۽ ڌاري آبادڪاري سبب اهڙا واقعا ٿي رهيا آهن.