پاڪستانسنڌ

بلال ڪاڪا کي افغاني پٺاڻن بيدردي سان قتل ڪيو آهي: جلال شاهه

ڄامشورو: سنڌ يونائيٽڊ پارٽي جي سربراھه ۽ سنڌ ايڪشن ڪميٽي جي ڪنوينر سيد جلال محمود شاھه پنھنجي پريس بيان وسيلي چيو آھي ته سنڌ ۾ رھندڙ افعاني ۽ ٻي ڌاري آبادڪاري سبب امن امان جو مسئلو ڏينھون ڏينھن وڌي رھيو آھي، جنھن سبب قاسم آباد جي نوجوان بلال ڪاڪا کي افغاني پٺاڻن بدترين تشدد ڪري کيس بيدردي سان قتل ڪري ڇڏيو آهي، سنڌ ۾ افغاني دھشتگرد آھن، خاص طور جيڪي ڪيمپن کان ٻاھر رھي دھشتگرد ڪاررواين ۾ ملوث رھي امن جي ڌرتي تي رت جي راند کيڏي سنڌ جا نوجوان قتل ڪن ٿا، اھڙن ڪردارن کي فوري طور گرفتاري ڪري قانون موجب ڪارروائي ڪئي وڃي. ھن وڌيڪ چيو ته سنڌ سرڪار افغانين توڙي ٻين غير ملڪين کي شناختي ڪارڊ، ڊوميسائل ٺھرائي ڏيڻ ۽ سندن ڪچين آبادين کي سنڌ اسيمبلي مان ريگيولرائيز ڪرائي ڏيڻ سبب انھن کي اڃا طاقتور بڻائي رھي آھي، سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي ۽ سنڌ ايڪشن ڪميٽي مختلف وقتن تي افغانين توڙي ٻين غير ملڪين کي پنھنجي ملڪ واپسي لاءِ جدوجھد ڪندي رھي آھي پر ملڪ جا ادارا توڙي حڪمران جماعتون ھن مسئلي تي سنجيدگي اختيار ڪرڻ بدران ھنن کي مضبوط بڻائي رھيا آھن. سيد جلال محمود شاھه قومي تحريڪ جي ڪارڪنن کي اپيل ڪئي آھي تہ سنڌي ۽ پٺاڻ لسانيت واري تڪرار کان پاسو ڪيو وڃي ۽ سنڌ ۾ افغانين کي روزگار ۽ رھائش لاءِ ڪا به ملڪيت نه ڏين. ھن مطالبو ڪندي چيو ته سنڌ ۾ رھندڙ افغانين کي فوري طور گرفتار ڪري کين ڪيمپن ۾ رھائي پنھنجي وطن واپس موڪليو وڃي ۽ سنڌ جي نوجوان بلاول ڪاڪا جي قاتلن کي فوري گرفتار ڪري قانوني ڪارروائي ڪئي وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button