پاڪستانسنڌ

ڪراچي ۾ ڇيلا وڪرو ڪرڻ ويل اسلام ڪوٽ جو واپاري قتل

اسلام ڪوٽ: ڪراچي جي ڊالميا واري علائقي ۾ عيد رات ڪار سوار ناملوم جوابدارن گوليون هڻي اسلام ڪوٽ جي ڳوٺ سونيهاٽ جي رهواسي چوپايو مال جي واپاري 40 ورهين جي نوجوان گل محمد عرف گلو لنجو کي قتل ڪري ڇڏيو ۽ فرار ٿي ويا. ٻڌايو وڃي ٿو ته نوجوان عيد جي اڳئين ڏينهن تي اسلام ڪوٽ مان ڇيلا وٺي وڪرو ڪرڻ لا ڪراچي ويو هو، جتي ڇيلا وڪرو ڪرڻ بعد عيد ڏهاڙي واپس گهر اچڻ جي تياري ڪري رهيو هو ته جوابدار کيس گوليون هڻي قتل ڪري فرار ٿي ويا. نوجوان جي قتل کان اڳ ڪجهھ شڪي ماڻهن ڇيلو وٺڻ بهاني نوجوان سان ڪچهري ڪري ڇيلن سان گڏ بيهاري موبائل تي فوٽو به ڪڍيا، سڃاڻپ بعد نوجوان کي قتل ڪيو ويو. ٻئي پاسي ڳڀرو نوجوان جو لاش گهر پهتو ته ڪهرام مچي ويو. ذريعن کان مليل ڄاڻ موجب ڄاڻايل نوجوان جو علائقي ۾ هلندڙ فئڪٽري جي هڪ ٺيڪيدار سميت مقامي ڪجهھ ماڻهن سان تڪرار به هلندڙ هو. هوڏانهن وارثن چيو ته ظالمن نوجوان کي بيگناهھ قتل ڪري اسان سان ظلم ڪيو آهي، اسان اڃان ڏک ۾ آهيون، پڇا ڳاڇا ڪريون پيا، بعد ۾ جوابدارن خلاف ضرور ڪيس داخل ڪرائڻ لا وينداسين. هنن گهر ڪئي ته سنڌ سرڪار اسان جي مدد ڪري ۽ جوابدارن کي گرفتار ڪري ڪيفر ڪردار تائين پهچائي. نوجوان سان گڏ بيٺل واپارين موجب ڪار ۾ 4 ڄڻا آيا هئا، جن مان صرف 2 هيٺ لهي آيا ۽ ايندي ئي سڌا فائر ڪري اسان جي نوجوان کي قتل ڪري فرار ٿي ويا.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button