ٽنڊوالهيار: ٽنڊوالهيار جي هڪ ميونسپل ڪميٽي، 5 ٽائون ڪميٽين ۽ 26 يوسيز تي ٿيندڙ بلدياتي اليڪشن جون سرگرميون تيز ٿي ويون. بلدياتي چونڊ واري دنگل ۾ 83 اميدوار چيئرمين، وائيس چيئرمين، ايم سي لا 247، ٽائون ڪميٽين لا131، ضلعي ڪائونسل لا 93، جنرل وارڊن تي 274 ۽ ٽائون ڪميٽين تي 131 اميدوار حصو وٺي رهيا آهن. يوسي دريا خان مري ۾ پ پ اميدوار شهداد خان ۽ تحريڪ انصاف جي محمد اسلم ۾ مقابلو ٿيندو. يوسي سلطانه آباد تي پ پ جو عبدالواحد عاصي ۽ آزاد اميدوار ظهير احمد آمهون سامهون آهن. يوسي سنجر چانگ تي پ پ اميدوار محمد خان ۽ تحريڪ انصاف اميدوار معشوق علي بيٺل آهن. يوسي کوکر تي راڄوڻي آزاد اتحاد اميدوار زين العابدين ۽ پ پ اميدوار غلام مصطفى ۾ سخت مقابلي جو امڪان آهي. يوسي ٽنڊو سومرو تي پ پ اميدوار صفوان اڪرم نظاماڻي ۽ تحريڪ انصاف اميدوار غلام مصطفى ۾ سخت مقابلو ٿيندو. يوسي بيگن جروار تي پ پ اميدوار معروف علي ۽ پ پ کان ناراض ٿي آزاد طور بيهندڙ اميدوار نور نبي جروار ۾ مقابلو ٿيندو. ٽائون ڪميٽي چمبڙ ۾ پ پ اميدوار خالد، آزاد اميدوار محمد محسن، ايس ٽي پي جي امداد ناريجو ۽ ٻين ۾ مقابلو ٿيندو. يوسي بڪيرا شريف ۾ پ پ جي اعجاز علي ۽ آزاد راڄوڻي اتحاد جي آفتاب احمد ۾ سخت مقابلو ٿيندو. اهڙي طرح ٻين يوسيز ۽ وارڊن تي به مقابلا ٿيندا. ان سلسلي ۾ ايم اين اي ذوالفقار ستار بچاڻي جو چوڻ آهي ته ٽنڊوالهيار ضلعو پ پ جو مضبوط قلعو آهي، پ پ وڏي اڪثريت سان ڪامياب ٿيندي. صوبائي وزير ضيا عباس شاهه رضوي چيو ته ٽنڊوالهيار کي پ پ سوئيپ ڪندي. آزاد راڄوڻي اتحاد جي اڳواڻ حاجي خير محمد کوکر چيو ته راڄوڻي اتحاد جي پليٽ فارم تان سڀني سيٽن تان اسان جا اميدوار ڪامياب ٿيندا، مخالف چاهي ڪيترا ئي حربا استعمال ڪن، اسان جا حوصلا بلند آهن. مخدوم علي محمد ولهاري چيو ته ماضي ۾ به اسان مقابلو ڪيو ۽ هاڻ به سخت مقابلو ڪري ڪامياب ٿينداسين. راه حق پارٽي جي اڳواڻ سڪندر شاهه جو چوڻ آهي ته ماضي ۾ ڪامياب ٿيندڙن ٽنڊوالهيار جا مسئلا حل نه ڪيا. جماعت اسلامي اميدوار رائو جاويد چيو ته جماعت اسلامي جي پليٽ فارم تان اسان جا اميدوار ڪامياب ٿيندا.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close