نبي سرروڊ: نبي سرٿر ۾ نوجوان اتحاد پاران عيد جي موقعي تي سنڌ جي قديمي راند ونجهه وٽي جو ميلو ڪرايو ويو، جنهن ۾ تعلقي ڪنري جي 8 ٽيمن حصو وٺي دلچسپ مقابلا ڪيا، جنهن ۾ پڪو موڙ، حامد گشڪوري، منشاءَ جٽ ۽ شاهلي واءِ سميت نبي سرٿر جي 4 ٽيمن حصو ورتو، پهريون مقابلو نبي سر ۽ حامد گشڪوري ۾ ٿيو، جنهن ۾ حامد گشڪوري سوڀاري ٿي، ٻيو مقابلو نهٽو ۽ شاهلي واءِ وچ ۾ ٿيو، جيڪو شاهلي واءِ پنهنجي نالي ڪيو، ٽيون مقابلو منشا جٽ ۽ نبي سرٿر ٽيم ۾ ٿيو، جنهن ۾ نبي سرٿر منشا جٽ کي شڪست ڏني، جڏهن ته پڪوموڙ کي شاهلي واءِ شڪست ڏئي فائنل ۾ پهتي، اهڙي ريت فائنل ۾ حامد گشڪوري ۽ شاهلي واءِ ۾ دنگل ٿيو، جيڪو دلچسپ مقابلي بعد شاهلي کٽي فائنل پنهنجي نالي ڪري ورتو. ٽورنامينٽ انتظاميا فائنل کٽيندڙ توڙي هارائيندڙ ٽيمن ۾ ٽرافيون ۽ ڪيش انعام ورهايا. ان موقعي ميلو سجائيندڙ نوجوان اتحاد جي اڳواڻن عمران درس، نعمان درس، سمير ميمڻ، رانديگرن ۽ ٻين چيو ته رانديون صحتمند سرگرميون آهن، جنهن سان معاشري ۾ نوجوانن کي غلط عمل کان روڪي معاشري جو صحتمند ۽ سگهارو فرد بڻائي سگهجي ٿو. سنڌ حڪومت کي گهرجي ته سنڌ جي شهر توڙي ٻهراڙين ۾ اهڙين سرگرمين کي هٿي وٺرائي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close