پاڪستانسنڌ

ڀٽ شاھه ۾ انتظاميا جي نااھلي سبب گٽر اٿلي پيا، شهرين جو احتجاج

ڀٽ شاھه: ڀٽ شاھه ۾ انتظاميا جي نااھلي سبب عيد جا ٽئي ڏينھن گٽر نالا اٿليل رھيا، ٽائون ۽ ضلعي انتظاميه ۽ چونڊيل نمائٔندن ڪو نوٽيس نه ورتو. عيد جي موقعي تي شھري توڙي پانڌيئٔڙا گندي پاڻي ۾ گذرندا رھيا. ڀٽ شاھه جي مک دنبورا چوڪ ۽ پير محلي ۾ گٽر نالا ابتا وھڻ لڳا. شھر واسي ٻٽي عذاب ۾ مبتلا ٿي ويا آھن. شيخ محلي، لطيف ڪالوني، ٻگھيا محلي، ھنرمند ڪالوني، پير محلو ۽ ٻين ھنڌن تي صفائي نه ٿيڻ ڪري گندگي جا ڍير لڳي ويا ۽ صفائي عملو به غائٔب آھي، عيد جا ڏينهن گذري وڃڻ باوجود به انتظاميـ شھر ۾ صفائٔي لا ڪي ڪوششون نه ورتيون آھن.

ڀٽ شاھه جي شھرين امير علي، زاھد عمراڻي، علي شير مگسي، عارف خاصخيلي ۽ ٻين طرفان احتجاج ڪندي مطالبو ڪيو ويو آھي ته لطيف جي شھر سان ناانصافي ختم ڪري شھر ۾ نااھل پبلڪ ھيلٿ عملدارن خلاف ڪارروائي ڪري شھر جي دنبورا چوڪ سميت سڀني محلن ۾ صفائي يقيني بڻائي وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button