حيدرآباد: نيوسعيدآباد لڳ ڳوٺ فقير محمد ڪاڪا جي رھواسي نوجوان بلال ڪاڪا پٽ ڌڻي بخش ڪاڪا جو حيدرآباد جي سپر سلاطين ھوٽل تي پٺاڻن ھٿان بيدردي سان قتل خلاف ڪالهه مختلف شهرن ۾ احتجاجي مظاهرا ڪري ڌرڻا هنيا ويا، ان سلسلي ۾ نيوسعيدآباد با پاس وٽ پير سي اين جي وٽ ڪاڪا برادري جي سوين ماڻھن سارنگ ڪاڪا، حسام الدين ڪاڪا، وقار وڪي ڪاڪا، جمشير ڪاڪا ۽ عباس ڪاڪا جي اڳواڻي ۾ نٽھڻ اس ۾ ڌرڻو ھڻي قومي شاھراھه ٻنھي طرفن کان بند ڪيو ويو، جنھن جي نتيجي ۾ ٻنھي پاسي سوين گاڏيون بيهجي ويون، ڊي ايس پي نيوسعيدآباد عطا محمد ڏاھري ۽ ايس ايچ او شريف کوسو ڌرڻي واري ھنڌ پھچي احتجاج ڪندڙن سان ڳالهيون ڪيون پر اھي احتجاج ختم ڪرائڻ ۾ ناڪام ويا، بعد ۾ حيدرآباد ۾ لڳل ڌرڻي واري ھنڌ تان جسقم جي مرڪزي اڳواڻ ڊاڪٽر نياز ڪالاڻيءَ رابطو ڪري ڌرڻو ۽ احتجاج ختم ڪرايو ۽ قومي شاھراھه تي ٽريفڪ چالو ٿي ويئي.
ٺٽو ۾ پورھيت مزاحمت تحريڪ پاران اعجاز جاکرو، لطف علي ھالو، عبدالجبار ڀنڀرو، سلمان جاکرو، ذاڪر شاھه ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ پريس ڪلب ٺٽو اڳيان احتجاجي مظاھرو ڪيو ويو. ڳاڙهو لڳ اداسي شهر ۾ جيئي سنڌ محاذ ۽ شهرين پاران احتجاج ڪري ڌرڻو هنيو ويو. ان موقعي تي ڀائي خان جوکيو ۽ ٻين اڳواڻن خطاب ڪيو. مٺي ۾ نوجوان بلال ڪاڪا جي قتل خلاف سنڌ پرست سنگت طرفان احتجاجي مظاھرو ڪيو ويو. جڏهن ته بلاول پارڪ کان ريلي ڪڍي ڪشمير چوڪ تي ڌرڻو هنيو ويو، ان موقعي تي اشوڪ ڪمار خاموش، پرديپ ميگھواڙ، راجيش رگهاڻي، اميت ڪمار، فيروز ۽ ٻين شرڪت ڪئي. ميرپور بٺورو ۾ نوجوان اتحاد جي سڏ تي دانيال ميمڻ جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪيو ويو، جنهن ۾ جسقم، جيئي سنڌ قومي پارٽي، جساف آريسر ۽ ٻين تنظيمن شرڪت ڪئي، ان موقعي تي اڳواڻن بابو عثمان ميمڻ، قادر بخش زئور، معصوم زئور ۽ ٻين خطاب ڪيو. گمبٽ ۾ وفا اسد علي، ادريس سومرو، اويس علي منگي، محبت خان شنباڻي، زاهد خان شنباڻي ۽ ٻين پريس ڪلب اڳيان مظاهرو ڪيو.