پاڪستانسنڌ

يوسي سلطان آباد تي بيٺل آزاد پينل جون گڏجاڻيون

مسڻ وڏي: يوسي سلطان آباد جي آزاد چيئرمين جي اميدوار ظهير احمد پلهھ ۽ وائيس چيئرمين جي اميدوار عزيز بروهي سروري جماعت حيدرآباد ڊويزنل جي نائب صدر ايڊووڪيٽ حبيب الله پلھه ۽ واحد بخش بروهي جي اڳواڻي ۾ يوسي ۾ چونڊ مهم شروع ڪندي ڳوٺ دين محمد ڪاٺيو،ڪڇي ڪالوني، حاجي محمد علي درس ۽ عبدالڪريم درس سميت مختلف ڳوٺن ۾ ڪارنر گڏجاڻيون ڪيون. سروري جماعت جي اڳواڻ ايڊووڪيٽ حبيب الله پلهھ خطاب ڪندي چيو ته اسان جو اليڪشن ۾ حصو وٺڻ جو مقصد هن يوسي کي ترقي وٺرائڻ آهي. 24 جولائي تي ڪامياب ٿي عوام جي بنا ڪنهن فرق جي خدمت ڪنداسين. ان موقعي تي اڳوڻي ڪائونسلر واحد بخش بروهي چيو ته عوام ٻڪري تي ٺپو هڻي اميدوارن کي ڪامياب ڪندو. چيئرمين جي اميدوار ظهير احمد پلھه خطاب ڪندي چيو ته اڳوڻن بلدياتي نمائندن اسان سميت يوسي سلطان آباد جي عوام کي ڪو به رليف نه ڏنو، عوام جي اسرار تي اسان اليڪشن ۾ حصو ورتو آهي. وائيس چيئرمين جي اميدوار عزيز بروهي ڪارنر گڏجاڻي کي خطاب ڪندي چيو ته 24 جولائي تي اسان جي ڪاميابي يقيني آهي. ان موقعي تي وڏيرو مشتاق حسين پلھه، امان الله پلھه، حفيظ پلهھ ۽ ٻيا موجود هئا.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button