اسلام آباد :عيد جي ٻئي ڏينهن باهه لڳڻ سان گڊو پاور پلانٽ مڪمل طور تي سڙي ويو، جنهن سان قومي خزاني کي 15 ارب رپين جو نقصان ٿيو آهي. ذريعن مطابق عيد جي رات گڊو پاور پلانٽ ۾ باهه لڳڻ سان 747 ميگاواٽ بجلي سسٽم مان نڪري وئي ۽ باهه سان قومي خزاني کي 15 ارب رپين جو نقصان ٿيو. ذريعن مطابق باهه لڳڻ سان گڊو پاور پلانٽ مڪمل طور تي سڙي ويو، جنهن جي بحالي تي ڪيترائي مهينا لڳي سگهن ٿا. گڊو پاور پلانٽ ۾ باهه وسائڻ جا اوزار نه هئا ۽ پاور پلانٽ ۾ باهه لڳڻ وقت عملو ڊيوٽي تي موجود نه هو. چيف انجنيئر جي سربراهي ۾ چئن ميمبرن تي ٻڌل ٽيم واقعي جي جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي. سينيئر انجنيئر گڊو پاور پلانٽ جو چوڻ آهي ته طوفاني برسات سان جنريٽرز ۾ پاڻي هليو ويو، هي اتفاقي حادثو هو. جڏهن ته واقعي جي ڇنڊ ڇاڻ ڪري رهيا آهيون. هن چيو ته پلانٽ بحال ٿيڻ ۾ هڪ مهينو لڳندو، نقصان ايترو ناهي ٿيو جيترو ٻڌايو پيو وڃي. واقعي جي ذميوارن جو تعين به ڪيو ويندو.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close