ٽنڊو محمد خان: ٽنڊو محمد خان جي بلڙي شاھه ڪريم ڳوٺ حاجي عرس سٺيو جي رهواسين زخمي حالت ۾ ٽنڊو محمد خان پريس ڪلب آڏو زبيده سٺيو، ڇتن، حاجران، نواب سٺيو، غازي سٺيو، رشيد ڪانڊيرو، راحب، آصف، خدن ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪندي چيو ته جنهاڻ سومرو چيڪ پوسٽ جو پوليس اهلڪار شهزاد سٺيو ۽ ٻين فجر مهل اسان جي گهرن تي هٿيار کڻي قاتلاڻو حملو ڪيو آهي، جنهن ۾ 4 عورتن سميت 6 مرد زخمي ٿي پيا آهن.
هنن چيو ته اسان مٿان بلاجواز قاتلاڻو حملو ڪري گهرن تي ڪاھه ڪئي ويئي آهي، جيڪا اسان سان سراسر زيادتي آهي، هنن اعلى اختيارين کان مطالبو ڪيو ته واقعي ۾ ملوث پوليس اهلڪار ۽ سندس ساٿين خلاف ڪيس داخل ڪري اسان سان انصاف ڪيو وڃي.