حيدرآباد: حيدرآباد ۾ 2 ڏينهن اڳ سپر سلاطين هوٽل جي مالڪن هٿان قتل ٿيل نوجوان بلال ڪاڪا جي قتل ڪيس ۾ گرفتار جوابدار شاهسوار پٺاڻ کي سول جوڊيشل مئجسٽريٽ نمبر 4 جي عدالت ۾ پيش ڪيو ويو. عدالت جوابدار کي 2 ڏينهن جي جسماني رمانڊ تي ڀٽائي نگر پوليس حوالي ڪري ڇڏيو، خبر موجب حيدرآباد جي سپر سلاطين هوٽل جي مالڪن هٿان قتل ٿيل نوجوان بلال ڪاڪا جي قتل ڪيس ۾ گرفتار هڪ جوابدار شاهسوار پٺاڻ کي ڀٽائي نگر پوليس طرفان حيدرآباد جي سول جوڊيشل مئجسٽريٽ نمبر 4 جي عدالت ۾ پيش ڪيو ويو. جوابدار کي پيش ڪرڻ وقت وڪيل، سياسي، سماجي اڳواڻ عدالت ۾ موجود هئا. پوليس عدالت کي استدعا ڪئي ته جوابدار کي 4 ڏينهن جي رمانڊ تي اسان جي حوالي ڪيو وڃي.
عدالت پوليس جي استدعا کي رد ڪندي جوابدار کي ٻن ڏينهن جي جسماني رمانڊ تي پوليس حوالي ڪري ڇڏيو. ان ڏس ۾ ڀٽائي نگر ٿاڻي جي ايس ايڇ او زياد نوناري رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته جوابدار جو جسماني رمانڊ ورتو آهي. ٻين جوابدارن جي گرفتاري لا ڇاپا هنيا ويا آهن. جوابدار گهر خالي ڪري فرار ٿي ويا آهن. هوڏانهن حيدرآباد جي قاسم آباد، ٽاور مارڪيٽ، سٽيزن ڪالوني، واڌو واهه روڊ سميت مختلف هنڌن تي نامعلوم ماڻهن طرفان پٺاڻن جا دڪان ۽ هوٽلون بند ڪرايڻ جي ڪوشش ڪئي وئي. جنهن دوران پوليس پهچي هوٽلن ۽ دڪانن کي کولرائي ڇڏيو. پوليس جو چوڻ هو ته فريادي پٺاڻ برادري جو ڪاروبار بند ڪرائڻ جي حق ۾ ناهي. دڪان بند ڪرائڻ جي ڪنهن کي به اجازت نه ڏينداسين.