ڀٽ شاھه: ثقافت کاتي جو صوبائي وزير سيد سردار شاھه آمريڪن راڳي برين بانڊ کي شاھه لطيف ايوارڊ ڏيڻ لا ڪالهه ڀٽ شاھه پھچي ويو، صوبائي وزير سيد سردار شاھه درگاھه ڀٽائي تي چادر چاڙھي دعا گھري. ان موقعي تي صوبائي وزير سيد سردار شاھه آمريڪن راڳي برين بانڊ کي سنڌ جي ثقافت اجرڪ ۽ ٽوپي پيش ڪري ڀليڪار چيو. اوقاف کاتي طرفان به صوبائي وزير سيد سردار شاھه ۽ آمريڪن راڳي کي اجرڪ جا تحفا پيش ڪيا ويا. سيد سردار شاھه مزار جي احاطي ۾ لطيف جو راڳ ٻڌو ۽ آمريڪن راڳي به پنھنجي استاد منٺار فقير سان گڏجي سيد سردار شاھه آڏو دنبوري جي تند تي لطيف جو راڳ پيش ڪيو. صوبائي وزير سيد سردار شاھه اعلانيل شاھه لطيف ايوارڊ ڀٽائي جي مزار آڏو برين بانڊ حوالي ڪيو.
ان موقعي تي سيد سردار شاھه چيو ته اھو اسان لا اعزاز آھي ته آمريڪن شھري به لطيف جي راڳ تي ڪم ڪري رھيا آھن، اسان انھن کي سلام پيش ڪريون ٿا. ھن چيو ته لطيف جي راڳ ۾ جادو آھي جو آمريڪا ۾ رھندڙ شھري ڀٽائي تي ڪم ڪرڻ لا پھرين ڀارت ويو ۽ وري سنڌ پھتو آھي. برين بانڊ 8 سالن کان ڀٽائي تي ڪم ڪري رھيو آھي. اسان کي خوشي آھي ته اڄ لطيف جي اڱڻ تي ان کي شاھه لطيف ايوارڊ ڏئي رھيا آھيون. ان کان اڳ ۾ به مختلف ملڪن جي تحقيق ڪندڙن کي ايوارڊ ڏنا آھن. استاد منٺار فقير جي مالڪي ڪنداسين، جنھن جي محنت سان مختلف ملڪن جا شھري لطيف جو راڳ سکي رھيا آھن. جيڪي به دنيا جا ٻيا ماڻھو ڀٽائي تي ڪم ڪري رھيا آھن انھن کي به ايوارڊ سان نوازينداسين. برين بانڊ آمريڪن سنڌي آھي ۽ آمريڪا ۾ لطيف جو سفير آھي. سيد سردار شاھه جو چوڻ ھو ته بلال ڪاڪا جي قتل کي نسلي رنگ ڏيڻ سنڌ جي حق ۾ ناھي. جھڙي طريقي سان سوشل ميڊيا تي لکن پيا ان سان سنڌين جي ھر ھنڌ رستا روڪ ٿيندي. ان واقعي کي ڏوھه جي ذمري ۾ شمار ڪري سگھجي ٿو. ڏوھاري ڪھڙي به طبقي ۽ ٻولي جو ڳالھائيندڙ ٿي سگھي ٿو، ڇا سنڌ جا ٻيا ڏوھاري سنڌين کان ڦرلٽ نٿا ڪن، اھي پھرين سنڌين کان ڦرلٽ ڪن ٿا، پھرين پنھنجن کان ڦرلٽ ڪندا آھن، نسلي فساد کان سنڌ کي بچائٔڻ گھرجي. ايس ايس پي حيدرآباد امجد شيخ موجب مالڪن جي مرضي موجب ايف آئي آر ڪٽي وئي آھي ۽ ڪجھه گرفتاريون به ٿيون آھن، آئون بلال ڪاڪا واقعي جي مذمت ڪريان ٿو ۽ واقعي کي ڏوھه سمجھان ٿو. ان کي سنڌي-پٺاڻ جي فساد جو رنگ ڏيڻ توڙي تفرق پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪرڻ سنڌ اندر ھڪ نئين باھه کي ڀڙڪو ڏيڻ آھي، جيڪي دوست ان کي اھڙو رنگ ڏين پيا، ان کان پاسو ڪرڻ گھرجي.
ڏوھاري کي ڏوھاري سمجھڻ گھرجي، چاھي اھو ڪھڙي به ٻولي جو ڳالھائٔيندڙ ھجي، ان واقعي ۾ سڀني پٺاڻن کي شامل نه ڪرڻ گھرجي، سنڌين ۽ پٺاڻن جون پاڻ ۾ مٽيون مائئٽيون ٿيل آھن، آغا سليم کان وٺي ڪيترائي ليکڪ ھتي لڏي اچي سنڌ کي پنھنجو ڪيو آھي، اسان جو جھيڙو انھي ذھنيت سان آھي، جيڪا سنڌ ۾ رھي ٿي، سنڌ ۾ کائي ٿي ۽ سنڌ کي پنھنجو نٿي سمجھي. سنڌي ٻولي کي پنھنجو نٿي ڪري انھي ذھنيت سان اسان جو جھيڙو آھي، اسان جو جھيڙو اردو، پشتو يا پنجابي ڳالھائٔيندڙ سان نه آھي. هن وڌيڪ چيو ته وفاقي حڪومت ھاڻي رليف ڏيڻ شروع ڪندي، عمران خان جي حڪومت جيڪي ڪلور ڪيا انھي ڪري آئي ايم ايف جي شرطن تي عمل ڪرڻ مجبوري آھي، ان ۾ شھباز شريف جو ڪوبه ڏوھه ناھي. سيد سردار شاھه چيو ته جي ايس ٽي ۽ پي ايس ٽي استادن جي سمري تيار آھي، 3 سال پورا ٿيڻ بعد اھي ريگيولر ٿيندا، انھن جو ڪم ٿي ويندو. احتجاج بلاجواز آھي انھن جو مطالبو منظور ٿيڻ وارو آھي، ڀٽ شاھ جو پبلڪ اسڪول جلد تيار ٿيندو. ان موقعي تي ثقافت کاتي جو ڊپٽي ڊائريڪٽر رحمت اللھ راڄڙ، غلام مجتبى جوکيو، ارشاد ڀٽي، اوقاف عملدار عبدالستار سولنگي، محمد خان بوزدار ۽ ٻيا به موجود ھئا.