اسلام آبادپاڪستان

عمران آئين سان فراڊ ڪيو،آرٽيڪل 6 تحت ريفرنس داخل ٿي سگهي ٿو:گهرو وزير

اسلام آباد :وفاقي گهرو وزير راڻا ثناءُ الله چيو آهي ته سپريم ڪورٽ جي فيصلي کانپوءِ صدر عارف علوي کي استعيفيٰ ڏيڻ گهرجي، ڪابينا مان ڪيس داخل ڪرڻ جي اجازت ملي ته عمران خان کي گرفتار ڪنداسين. ڪالهه اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي راڻا ثناءُ الله چيو ته سپريم ڪورٽ جي فيصلي کانپوءِ وفاقي حڪومت وت هاڻ ڪا گنجائش ناهي ته ان معاملي تي ريفرنس ٺاهي نه موڪلي. سڀاڻي ڪابينا ۾ اڳوڻي وزيراعظم عمران خان، صدر عارف علوي ۽ اڳوڻي ڊپٽي اسپيڪر قاسم سوري خلاف ريفرنس ٺاهڻ جو معاملو غور هيٺ ايندو. هن چيو ته سپريم ڪورٽ جي ان فيصلي اڄ آئين جي حڪمراني ۽ عوام جي حڪمراني کي تسليم ڪيو آهي. سپريم ڪورٽ آئين جي واضح ڀڃڪڙي جا لفظ استعمال ڪيا، سپريم ڪورٽ جي فيصلي کانپوءِ صدر عارف علوي استعيفيٰ ڏئي. فيصلي کانپوءِ عمران نيازي جي سياست جو جنازو نڪري ويو آهي، فيصلي سان ثابت ٿي ويو ته عمران خان ذاتي مقصدن لاءِ ڪنهن به ڪريل سطح تي وڃي سگهي ٿو. سندس چوڻ هو ته عمران نيازي ذاتي مفاد لاءِ آئين جي ڀڃڪڙي ڪئي ۽ آئين سان فراڊ ڪيو. فيصلي موجب صدر، وزيراعظم، اسپيڪر، ڊپٽي اسپيڪر آئين سان فراڊ ڪيو، آرٽيڪل 6 بابت ڪم ڪيو پيو وڃي. وفاقي حڪومت ئي آرٽيڪل 5 ۽ 6 تحت ريفرنس داخل ڪري سگهي ٿي. ريفرنس تي ڪم شروع ٿي چڪو آهي، هڪ ٻيو رستو به اختيار ڪري سگهجي ٿو. هن چيو ته اهي اڃا تائين قومي اسيمبلي مان پگهارون وصول ڪري رهيا آهن، اڃا تائين سرڪاري گاڏيون استعمال ڪري رهيا آهن. اسپيڪر انهن خلاف ريفرنس اليڪشن ڪميشن ۾ داخل ڪري، کين ڊي سيٽ ۽ نااهل ڪيو وڃي. ڪابينا کي درخواست ڪئي آهي ته عمران خان کي گرفتار ڪرڻ جي اجازت ڏئي. هن چيو ته اليڪشن ڪميشن کي گهرجي ته تحريڪ انصاف ميمبرن کي ڊي سيٽ ڪري ۽ کين نااهل ڪرڻ جي ڪارروائي ڪري. سندس وڌيڪ چوڻ هو ته شيخ رشيد کي لانگ مارچ دوران گرفتار ڪرڻو هو، هو نظر ئي نه آيو، جڏهن ته نواز شريف بي ڏوهه آهي، ان کي غلط سزا ڏني وئي. واضح رهي ته گذريل ڏينهن سپريم ڪورٽ عمران خان خلاف بي اعتمادي جي حوالي سان ڊپٽي اسپيڪر قاسم سوري جي رولنگ خلاف سوموٽو نوٽيس جو تفيصلي فيصلو جاري ڪندي چيو هو ته ٻاهرين مداخلت بابت پي ٽي آءِ جي دليل سان متفق ناهيان.عدالتي فيصلي ۾ چيو ويو ته ڊپٽي اسپيڪر جو بي اعتمادي رٿ رد ڪرڻ جو فيصلو غير آئيني هو، تنهن ڪري وزيراعظم جو اسيمبليون ٽوڙڻ جو حڪم غير قانوني قرار ڏيندي ڪالعدم قرار ڏنو وڃي ٿو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button