اسلام آبادپاڪستان

اليڪشن ڪميشن عمران جي الزامن جو نوٽيس ورتو،پيمرا کان رڪارڊ طلب

اسلام آباد : اليڪشن ڪميشن طرفان پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان جي الزامن جو نوٽيس ورتو ويو آهي. ڪالهه چيف اليڪشن ڪمشنر جي صدارت هيٺ اجلاس ٿيو، جنهن ۾ عمران خان طرفان اداري تي مڙهيل تازن الزامن جو جائزو ورتو ويو ۽ اليڪشن ڪميشن اڳوڻي وزيراعظم جي الزام جو نوٽيس ورتو. اليڪشن ڪميشن پيمرا چيئرمين کي خط لکيو آهي، جنهن ۾ عمران خان جي تقرير جو رڪارڊ طلب ڪيو ويو آهي. اليڪشن ڪميشن عمران خان بکر ۽ ليا ۾ ڪيل تقرير جو رڪارڊ طلب ڪيو آهي. جڏهن ته 8 جولاءِ تي خوشاب ۾ ڪيل تقرير جو رڪارڊ ۾ پڻ گهريو ويو آهي. ٻئي پاسي اليڪشن ڪميشن جي ترجمان پي ٽي آءِ اڳواڻ شيرين مزاري طرفان سوشل ميڊيا تي لڳايل الزامن جو جواب ڏيندي چيو آهي ته چيف اليڪشن ڪمشنر کي حمزا ۽ مريم سان لڪي ملڻ جي ضرورت ناهي. سياستدان پاڻ ملڻ ايندا آهن، الزام لڳائڻ سولو آهي، ثبوت آهن ته پيش ڪيو. ترجمان چيو ته اليڪشن ڪميشن چڙ ۽ دٻاءُ ۾ اچڻ کانسواءِ پنهنجو آئيني ڪردار ادا ڪندي رهندي. پنجاب ۾ ننڍي چونڊ ۾ شفاف الڪيشن کي يقيني بڻائينداسين. اسان ڪنهن به ايڪس واءِ زيڊ کي نٿا سڃاڻون، اسان جو ڪم شفاف ۽ اڻ ڌريون چونڊ ڪرائڻ آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button