اسلام آبادپاڪستان

شهريار آفريدي ڪشمير ڪميٽي تان آئوٽ،باسط بخاري چيئرمين مقرر

اسلام آباد : وفاقي حڪومت شهريار آفريدي کي ڪشمير بابت پارلياماني ڪميٽي جي چيئرمين واري عهدي تان هٽائي ڇڏيو آهي. تفصيل موجب ڪشمير بابت پارلياماني ڪميٽي جو اجلاس اڄ منجهند ٽئين وڳي ٿيو، جنهن ۾ چيئرمين شهريار آفريدي خلاف بي اعتمادي جي رٿ پيش ڪئي وئي. بي اعتمادي واري رٿ جي حق ۾ 16 ميمبرن ووٽ ڏنو، جڏهن ته ڪشمير ڪميٽي جو نئون چيئرمين پڻ چونڊيو ويو. پي ٽي آءِ جي باغي ميمبر باسط بخاري کي ڪشمير ڪميٽي جو چيئرمين چونڊيو ويو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button