راڌڻ: پي ٽي آ جي مرڪزي اڳواڻ ۽ اڳوڻي وڏي وزير لياقت علي خان جتوئٔي ميڊيا بريفنگ ۽ بلدياتي ادارن جي ورڪ دوران ڪارنر گڏجاڻين جي ميڙاڪن کي خطاب ڪندي چيو ته ايس ايس پي دادو رفيق جمالي پ پ اڳواڻن جي ڪمداري ڪري رهيو آهي، ايترو ظلم نه ڪر جو سڀاڻي برداشت نه ڪري سگهين، آر اوز به هنن پنهنجا مقرر ڪيا آهن، وڏو وزير هئس ته آصف زرداري جيل ۾ هو، جنهن جو پي حاڪم زرداري مون کي مدد لا چوندو هو، جنهن بعد هن کي جيل ۾ سهولتون ڏياريون. هنن وڌيڪ چيو ته مهانگائي سبب عوام پريشان آهي، ميهڙ جوهي ٽائونن مان ڪروڙين رپين جي ڪرپشن ڪئي وئي آهي، اسان جي اميدوارن کي هراسان ڪيو پيو وڃي، اسان اليڪشن جو بائيڪاٽ نه ڪنداسين، ڦلجي اسٽيشن ۾ پي ٽي آءِ جي ٽڪيٽ تي چونڊ وڙهندڙ اميدوار عبدالحميد سومرو کي گرفتار ڪري گم ڪيو ويو آهي، دادو مان به ٽن اميدوارن کي کنڀي گم ڪيو ويو آهي، فوج ۽ رينجرز جي نگراني ۾ چونڊ ڪرائي وڃي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close