پاڪستانسنڌ

يوٽونگ چائنا سنڌ ۾ بسن جو پلانٽ لڳائڻ تي راضي ٿي وئي

ڪراچي: يوٽونگ بسز چائنا سنڌ ۾ پبلڪ ٽرانسپورٽ پلانٽ لڳائڻ تي راضپو ظاهر ڪري ڇڏيو آهي. پلانٽ ڪراچي يا حيدرآباد ۾ لڳايو ويندو. اها اهم اڳڀرائي صوبائي وزير ٽرانسپورٽ شرجيل انعام ميمڻ سان يوٽونگ بسز چائنا جي ڪنٽري مئنيجر پال زهانگ جي ملاقات ۾ ٿي. سروس هيڊ يوٽونگ وينر وينگ پڻ ساڻس گڏ هئا. ملاقات ۾ ايندڙ هفتي تائين ان ڏس ۾ ٺوس پروپوزل تيار ڪرڻ تي اتفاق ڪيو ويو. پلانٽ 15 کان 18 ايڪڙ ايراضي تي لڳايو ويندو. ان موقعي تي صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو ته ٽرانسپورٽ کاتي جي ڀرپور ڪوشش آهي ته سنڌ ۾ پبلڪ ٽرانسپورٽ جو پلانٽ لڳايو وڃي. جنهن سان پبلڪ ٽرانسپورٽ جي شعبي ۾ بهتري ايندي. ملڪ ۾ پرڏيهي سيڙپڪاري ٿيندي ۽ روزگار جا نوان موقعا پيدا ٿيندا. ان موقعي تي ٽرانسپورٽ کاتي جي سيڪريٽري عبدالحليم شيخ، ايم ڊي سنڌ ماس ٽرانزٽ اٿارٽي ڪيپٽن (ر) الطاف حسين ساريو ۽ اين ار ٽي سي پروجيڪٽ ڊائريڪٽر صہيب شفيق پڻ موجود هئا.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button