راولپنڊي: ن ليگ نائب صدر مريم نواز چيو آهي ته سپريم ڪورٽ عمران خان جي سازش جي بيانيي کي اڏائي ڇڏيو. راولپنڊي ۾ چونڊ جلسي سان خطاب ڪندي مريم نواز چيو ته سپريم ڪورٽ جو ڪالهه رات تاريخي فيصلو آيو، جنهن فتني خان جي ڪوڙي سياست کي اڏائي ڇڏيو، پاڪستان جي تاريخ ۾ اهو پهريون سياستدان آهي، جنهن کي سپريم ڪورٽ ڪوڙو ۽ آئين ٽوڙيندڙ قرار ڏنو. هن چيو ته ايڪس ۽ واءِ جون ڳالهيون ڪندڙ عمران خان پنهنجي اي بي سي ٺيڪ ڪري، اڄ ڌانڌلي جو پٽڻو پٽيندڙ حڪومت ۾ هڪ پيج تي هوندي سموريون ننڍيون چونڊون هارائي ويو. سندس چوڻ هو ته اتحادي حڪومت مجبوري ۾ ڏکيا فيصلا ڪيا، عمران خان ويندي ويندي بارودي سرنگهون وڇائي ويو، ن ليگ سر تريءَ تي رکي هڪ هڪ بارودي سرنگهه کي هٽايو آهي. مريم نواز چيو ته هاڻ ڏکيو وقت ويو، ايندڙ ڏينهن ۾ سٺيون خبرون ملنديون.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close