پاڪستانسنڌ

حيدرآباد ۾ ٿيل واقعو افسوسناڪ عمل آهي: شرجيل انعام ميمڻ

ڪراچي: صوبائي وزير اطلاعات شرجيل انعام ميمڻ چيو آھي ته ٻه ڏينهن اڳ حيدرآباد ۾ ٿيندڙ واقعو افسوسناڪ عمل آهي. سنڌ ۾ ڪنهن کي به قانون ٽوڙڻ اجازت نه ڏينداسين. اي اين پي اڳواڻ شاهي سيد ۽ قومي عوامي تحريڪ سربراهه اياز لطيف پليجو سان رابطو ڪري سنڌ ۾ امن ۽ ڀائيچاري جي قيام ۾ مثبت ڪردار ڪرڻ جي درخواست ڪئي آهي. ٻنهي اڳواڻن سنڌ ۾ امن ۽ ڀائيچاري جي فضا کي قائم رکڻ جي لاءِ پنهنجي ڀرپور ڪوششن جي خاطري ڪرائي آهي.

شرجيل انعام ميمڻ چيو ته افسوسناڪ واقعن ۾ ڪجهه جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويو آهي، ڪوبه شرپسند قانون هٿ ۾ وٺندو ته ان جي خلاف سخت ڪارروائي ڪئي ويندي. هن چيو ته حيدرآباد واقعي ۾ قتل ٿيل نوجوان جي هڪ جوابدار کي گرفتار ڪيو ويو آهي. واقعي بعد ڪاروباري ملڪيتن کي نقصان پهچائڻ واري نوجوان کي پڻ گرفتار ڪيو ويو آهي. شرجيل انعام ميمڻ چيو ته سنڌ صوفين ۽ امن پسندن جي ڌرتي آهي. سنڌ جي پرامن ماحول کي هر صورت ۾ برقرار رکيو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button