
حيدرآباد: حيدرآباد ۾ هوٽل مالڪن هٿان بيدردي سان قتل ڪيل نوجوان بلال ڪاڪا جي خون سان انصاف لا سڄي سنڌ سراپا احتجاج بڻيل آهي، ڪالهه ڪنڌڪوٽ ۾ مڪمل شٽربند هڙتال ڪئي وئي. جڏهن ته مختلف شهرن ۾ احتجاجي مظاهرا ڪيا ويا، ان سلسلي ۾ گڏ ڪيل معلومات موجب ڪنڌڪوٽ ۾ جسم جي سڏ تي شٽربند ھڙتال ڪئي وئي. جسم جي اڳواڻن ڪامريڊ عباس باجڪاڻي، گھايل سنڌي، سلطان نندواڻي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ڪارڪنن ڪالهه صبح سوير شھر جو گشت ڪيو. جنهن ڪري مين بازار، گھنٽاگھر چوڪ، شاھي بازار، رسالدار روڊ، ڀٽائي بازار، مھربان بازار، صرافا بازار ۽ ٻيون بازارون مڪمل بند رھيون، شھرين سڏ کي مڪمل موٽ ڏني. جسقم پاران پريس ڪلب آڏو والي ڏنو سنڌي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. سکر ۾ ڊسٽرڪٽ بار ايسوسيئيشن طرفان ايڊووڪيٽ قربان ڪلهوڙي جي اڳواڻي ۾ مظاهرو ڪيو ويو. مٽياري ۾ جسقم جي سڏ تي پريس ڪلب اڳيان سجيل سالاريو، لقمان کوسو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪيو ويو. بدين ۾ عورتن ۽ نياڻين درشھوار، ساجدا خاصخيلي، ثريا ڀٽي، شفا بلوچ جي اڳواڻي ۾ احتجاجي ريلي ڪڍي پريس ڪلب اڳيان ڌرڻو ھنيو. ٻئي پاسي جسقم آريسر جي ڪارڪنن وجاھت چانڊيو، سمير ھنگورجو، عبدالڪريم سومرو، فراز انصاري ۽ ممتاز شورو جي اڳواڻي ۾ کوسڪي روڊ کان پريس ڪلب تائين احتجاجي ريلي ڪڍي ويئي. قمبر ۾ يوٿ فورم طرفان نعريبازي ڪندي پٺاڻن جو مڪمل ڪاروبار بند ڪرائي احتجاجي ريلي ڪڍي وئي.
مٺي ۾ قومي عوامي تحريڪ ۽ باشعور نوجوان اتحاد پاران بلاول پارڪ کان ڪشمير چوڪ مٺي تائين ريلي ڪڍي ويئي، دانيش پرمار، راجيش رگهاڻي، وزير سميجو، فيروز سميجو ۽ ٻين نعريبازي ڪئي. نوابشاهه ۾ ٻئي ڏھاڙي به پٺاڻن جون ھوٽلون ۽ ٻيو ڪاروبار بند رھيو. شھر ۾ باقي ڪاروباري سرگرميون معمول موجب جاري رھيون. سانگهڙ پريس ڪلب چوڪ وٽ ترقي پسند پارٽي جي ضلعي اڳواڻ جبار جوڻيجو، محسن شر، ڪيهر خان بڙدي، سليم رضا ڏاهري ۽ ٻين احتجاجي مظاهرو ڪيو، ٻئي طرف جسقم بشير قريشي گروپ جي اڳواڻن ٽريفڪ چوڪ تي پٺاڻن جي هوٽل کي بند ڪرائي ڇڏيو، جنهن بعد فوري طور تي پوليس پهچي وئي ۽ هوٽل کي کولرائي ڇڏيو. ڊگهڙي ۾ نامعلوم نوجوانن شهر جي مک روڊن تي پٺاڻن جو هوٽلون ۽ ٻيا دڪان بند ڪرائي ڇڏيا، پوليس ٽن نوجوانن کي گرفتار ڪري ورتو، سنڌ دوست سٿ جي نوجوانن طرفان ڪامريڊ حسين ابڙينگ، فدا نوحاڻي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ پريس ڪلب ڊگهڙي اڳيان پرامن احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. ڪڪڙ ۾ قومپرست اڳواڻن ۽ شھرين وڏيرو شھباز علي جوڻيجو، بابر علي سمون ۽ ٻين پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو. تلھار جي عوامي پريس ڪلب آڏو ڪامريڊ جمن ملاح، عاجز انور لاشاري، يعقوب کوسو ۽ ٻين احتجاج ڪيو. کورواهه ۾ نوجوانن پاران هڪ وڏي احتجاجي ريلي ڪڍي ويئي، ذيشان مير افضل سولنگي ۽ ٻين خطاب ڪيو. سيراڻي ۾ بخاري چوڪ کان ريلي ڪڍي پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاھرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو. سرهاڙي ڀرسان چودگي اسٽاپ تي ڪامريڊ لکمير زرداري، مختيار زرداري، فرحان جلباڻي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪري ٽائرن کي باهيون ڏئي ڌرڻو هنيو ويو.
گولاڙچي ۾ جسقم جي محفوظ سنڌي، لال بخش چانڊيو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ جي ايم سيد چوڪ کان شهيد فاضل راهو چوڪ تائين ريلي ڪڍي وئي. ڊکڻ ۾ شهري نوجوان اتحاد پاران ريلي ڪڍي احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، راضيديرو ۾ يوٿ فورم جي اڳواڻن علي آزاد جکڙ، قمبر سومرو ۽ سياسي سماجي اڳواڻن راجه وسيم ڪوري، فهيم علي ۽ ٻين پريس ڪلب اڳيان مظاهرو ڪيو. اوٻاوڙو ۾ عبدالمجيد سنڌي، اڪبر گنب ۽ بهادر لولائي ۽ ٻين ريلي ڪڍي. پڊعيدن ۾ نصرت ڪينال پل کان ريلوي ڦاٽڪ تائين ريلي ڪڍي وئي، جنهن جي اڳواڻي ساجد راڄپر، آزاد سارنگ، راجا رفيق، عبالستار ڀٽي ۽ ٻين ڪئي. سڪرنڊ ۾ شمشاد ملاح، اعظم رند، مصور چوھاڻ، مشتاق لغاري ۽ ٻين ريلي ڪڍي سڪرنڊ ميڊيا سينٽر چوڪ تي ڌرڻو هنيو. منھڙو ۾ اعجاز علي ٻوڙاڻو، سجاد يوسف جمالي، سجاد علي ٻوڙاڻو، عمران جمالي، حيدر چانڊيو، سيد علي حيدر شاهه، نويد علي ٻوڙاڻو ۽ ٻين ريلي ڪڍي پريس ڪلب اڳيان مظاهرو ڪيو. سامارو ۾ جسقم اڳواڻ جميل احمد ڌونڪائي، عبدالمجيد ڌونڪائي، عابد ڌونڪائي ۽ ٻين پريس ڪلب اڳيان مظاھرو ڪيو. ڇور ۾ مختلف سماجي تنظيمن جي اڳواڻن وڪيل معشوق علي، صدام منگريو، عمر اعجاز، رحمان گل ۽ ٻين پريس ڪلب آڏو مظاھرو ڪيو.