
واشنگٽن: پاڪستان ۽ عالمي مالياتي فنڊ (آءِ ايم ايف) وچ ۾ معاهدو ٿي ويو آهي جنهن تحت آءِ ايم ايف پاڪستان کي هڪ ارب 17 ڪروڙ ڊالرز ڏيندو. آءِ ايم ايف طرفان جاري ڪيل بيان ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته اي ايف ايف تحت ستين ۽ اٺين جائزي جا معاملا طئي ٿي ويا آهن، جڏهن ته آءِ ايم ايف بورڊ معاهدي جي حتمي منظوري ڏيندو. پاڪستان کي طلب ۽ فراهمي تي ٻڌل ايڪسچينج ريٽ جو تسلسل برقرار رکڻو پوندو، گڏوگڏ بهتر مانيٽري پاليسي ۽ سرڪاري ادارن جي ڪارڪردگي بهتر بڻائڻي پوندي. پڌرائي موجب عالمي مهانگائي ۽ اهم فيصلن ۾ دير سبب پاڪستان جا مٽا سٽا ناڻي وارا ذخيرا گهٽجي ويا، وڌيڪ طلب سبب معيشت ايتري تيز ٿي جو ٻاهرين ادائگين جو وڏو خسارو ٿيو، پاڪستان کي هڪ ارب 17 ڪروڙ ڊالر ملندا پر پاڪستان کي موجودا بجيٽ تي سختي سان عمل ڪرڻو پوندو، صوبن به بجيٽ خسارو محدود رکڻ جي خاطري ڪرائي آهي. آءِ ايم ايف پڌرائي ۾ چيو ويو آهي ته ايڪسپورٽ ري فنانس اسڪيمون وياج جي شرح سان سلهاڙيل رهنديون، ڪرپشن ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ پاڪستان ۾ اليڪٽرانڪ طور اثاثا ظاهر ڪرڻ تي ڪم هلي رهيو آهي، پاڪستان حڪومت نيب سميت اينٽي ڪرپشن ادارن کي بهتر ڪرڻ لاءِ ڪم ڪندي. پڌرائي ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته عالمي حالتن کي نظر ۾ رکندي پاڪستان کي اضافي قدم کڻڻ لاءِ پڻ تيار رهڻو پوندو، هلندڙ مالي سال بينظير انڪم سپورٽ پروگرام لاءِ 364 ارب رُپيا رکيا ويا آهن، جڏهن ته ايڪسٽينڊ فنڊز فيسلٽي پروگرام جون 2023ع تائين وڌائڻ تي غور ڪيو ويندو. ناڻي جي وفاقي وزير مفتاح اسماعيل به آءِ ايم ايف سان معاهدي جي تصديق ڪندي سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي تي معاهدي جي ڪاپي شيئر ڪئي آهي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ هن لکيو ته آءِ ايم ايف ستين ۽ اٺين جائزي جا هڪ ارب 17 ڪروڙ ڊالرز ڏيندو، جڏهن ته معاهدي لاءِ ڪوششن تي وزيراعظم، ساٿي وزيرن، سيڪريٽريز ۽ فنانس ڊويزن جو ٿورائتو آهيان.