پاڪستانسنڌ

صوبي جو امن خراب ڪرڻ جي اجازت نه ڏني ويندي: وڏو وزير

ڪراچي: وڏي وزير سيد مراد علي شاهه نوجوان بلال ڪاڪا جي قتل ۽ اُن کانپوءِ پيش آيل واقعن جو نوٽيس ورتو ويو آھي، وڏي وزير مراد علي شاهه چيو آهي ته سنڌ امن پسند ڌرتي آهي، صوبي جو امن خراب ڪرڻ جي ڪنهن به صورت ۾ اجازت نه ڏني ويندي. وڏي وزير سيد مراد علي شاھه جو چوڻ آھي تھ حيدرآباد سوڌو سنڌ جي ڪنهن به شهر ۾ لساني بُنيادن تي ڪابه سازش ڪامياب ٿيڻ نه ڏني ويندي، بلال ڪاڪا قتل واقعي کي لساني بُنيادن تي نه، پر ڪرائيم طور ڏٺو وڃي. ھن چيو تھ ڏوهارين جي ڪابه ٻولي، ذات يا قوم ناهي هوندي، پوليس کان حيدرآباد ۽ ڪراچي ۾ پيش آيل واقعن جي تفصيلي رپورٽ طلب ڪئي وئي آھي. جڏهن ته وڏي وزير سهراب ڳوٺ واقعي جو نوٽيس وٺندي چيو ته ڪنهن کي به قانون هٿ ۾ کڻڻ جي اجازت نه ڏني ويندي. وڏي وزير وڌيڪ چيو ته هي وقت پاڻ ۾ مقابلي جو ناهي پر هڪ ٻئي کي سنڀالڻ جو آهي، اها سازش آهي، ان سازش کي ڪامياب ٿيڻ نه ڏنو وڃي. وڏي وزير چيو ته حيدرآباد ۽ ٻين علائقن ۾ لساني رنگ ڏئي انتشار پکيڙڻ جي ڪوشش ڪئي وئي، ڏوهه ۾ ملوث ماڻهن خلاف ڪيس داخل ڪيو، اڄ سهراب ڳوٺ ۾ قانون هٿ ۾ کڻڻ جي ڪوشش ڪئي وئي. وڏي وزير پوليس ۽ ضلعي انتظاميا کي مظاهرين کي پرامن طور ڇڙوڇڙ ڪرڻ جي هدايت ڪئي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button