پاڪستانسنڌ

سهراب ڳوٺ ۾ مڇريل ماڻهن جو احتجاج، ڀڃ ڊاهه، ٽريفڪ معطل

ڪراچي: حيدرآباد ۾ سنڌي نوجوان جي قتل کانپوءِ ڪاروبار بند ڪرائڻ جي معاملي تي سهراب ڳوٺ ۾ مڇريل ماڻهن جي احتجاج سبب موٽر وي ايم نائن تي ٽريفڪ معطل ٿي وئي. احتجاج ڪندڙن گاڏين تي به پٿراءُ ڪيو ۽ گلزار هجري ڀرسان موٽر وي تي ڌرڻو ڏئي ڇڏيو، پٿراءُ ۾ ڪيترين ئي گاڏين جا شيشا ٽٽي پيا، جڏهن ته مڇريل ماڻهن ال آصف اسڪوائر تي پوليس چوڪي تي به ڀڃ ڊاهه ڪئي. سهراب ڳوٺ ال آصف اسڪوائر تي احتجاج سبب پوليس ۽ رينجرز جي نفري طلب ڪئي وئي، پوليس طرفان احتجاج ڪندڙن کي ڇڙوڇڙ ڪرڻ لاءِ لٺبازي ڪئي وئي. ٽريفڪ پوليس موجب سهراب ڳوٺ کان موٽر وي ويندڙ ۽ ايندڙ ٽريفڪ کي متبادل رستن تي موڪليو پيو وڃي، موٽر وي پوليس جمالي پل ڀرسان مک روڊ بند ڪري ڇڏيو، حيدرآباد کان ڪراچي ايندڙ ٽريفڪ کي متبادل رستن تي موڪليو پيو وڃي، سنڌ جي مختلف علائقن کان ايندڙ بسن مان مسافرن کي سبزي منڊي تي لاٿو ويو ۽ سبزي منڊي تي مسافرن جو وڏو انگ موجود آهي. حالتن کي ڏسندي ملير ۽ ڪراچي ايسٽ پوليس جي وڏي نفري طلب ڪئي وئي آهي، مختلف ٿاڻن جي ايس ايڇ اوز کي اينٽي رائٽس سامان سان گڏ پهچڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي. بعد ۾ سهراب ڳوٺ وٽ ٿيل احتجاج کي پوليس ۽ رينجرز جي ايڪشن وسيلي ختم ڪرايو ويو. پوليس ۽ رينجرز جي ايڪشن سبب سهراب ڳوٺ جي ڀرپاسي احتجاج ختم ٿي ويو ۽ موٽر وي ايم نائن کي ٽريفڪ لا بحال ڪيو ويو، پوليس هنگامن جي الزامن هيٺ ڪيترن ئي ماڻهن کي حراست ۾ وٺي ڇڏيو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button