مسڻ وڏي: يوسي سلطان آباد تي پ پ جي باغي گروپ آزاد راڄوڻي اتحاد جي اميدوارن برسات دوران چونڊ مهم جاري رکي. پ پ جي باغي گروپ آزاد راڄوڻي اتحاد جي چيئرمين جي اميدوار ظھير احمد پلھه ۽ وائيس چيئرمين عزيز بروهي ڳوٺ ڪبير ٽالپر ۾ مختلف ڪارنر گڏجاڻين کي خطاب ڪندي چيو ته پ پ ڪنهن جي جاگير ناهي، ھميشه ساڳيا ماڻهو نه ايندا، ٻين کي به وارو ملڻ گهرجي، موجوده پ پ جي اميدوارن اسان سان هڪ فيصلي ۾ واعدو ڪيو هو ته ايندڙ اليڪشن ۾ وارو توهان کي ڏينداسين، پر انهن ائين نه ڪيو، جنهن ڪري اسان راڄن سان ملي ڪري اليڪشن جي ميدان تي لٿل آهيون، راڄ اسان سان گڏ آهن ۽ 24 جولائي تي فتح راڄن جي ۽ اسان جي ٿيندي. سروري جماعت حيدرآباد ڊويزنل جي نائب صدر ايڊووڪيٽ حبيب الله پلھه ڪارنر گڏجاڻين کي خطاب ڪندي چيو ته پ پ جا آهيون، بند ڪمرن ٿيل غلط فيصلن جي ڪري يوسي جي عوام جي اسرار تي پنهنجا اميدوار ميدان تي لاٿا آهن، جيڪي ڪامياب ٿي هن يوسي سلطان آباد جي عوام جي خدمت ڪندا. ان موقعي تي اڳوڻي ڪائونسلر واحد بخش بروهي، وڪيو ڪاٺيو، غلام عباس پلھه ۽ ٻين خطاب ڪيو.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close