ڪلوئي: ٿرپارڪر ضلعي ۾ مندائتا مينهن وسي پيا، جنهن ڪري ٿر جي مختلف تعلقن ڪلوئي، ڏيپلو، اسلام ڪوٽ، ننگر پارڪر ۽ ڇاڇرو ۾ هارين هر سنڀالي ورتا آهن، ٿر جي ڏڪار سٽيل ماڻهن ۾ خوشي جي لهر ڇانئجي وئي آهي. ڪجهه سالن کان برساتون نه پوڻ ڪري بئراج ڏانهن ويل چوپايو مال ولرن جي صورت ۾ ٿر واپس اچي رهيو آهي. برسات پوڻ کانپوءِ جهنگلي جيوت سميت چوپايو مال ۽ ماڻهو خوش نظر اچي رهيا آهن. جڏهن ته چڙن جي آواز ڪري ٿر جي ماحول کي چار چنڊ لڳائي ڇڏيا آهن. هوڏانهن برسات پوڻ کانپوءِ ٿر جي غريب ماڻهن وٽ ٽريڪٽر جي کيڙي جا پئسا نه هئڻ ڪري ٿر جا ماڻهو گڏھن ۽ گهوڙن تي جوئر، مڱ ۽ گوائر سميت ٻي فصلن جي پوکائي ڪري رهيا آهن. ٿر جي سوغات کنڀيون، مريڙو، لولر ۽ ڪونڍير مارڪيٽ ۾ اچي ويا آهن. هر سال جيان هن سال به ٿر گهمڻ ايندڙ هزارين سياح پهچي ويا آهن، پر سياحن کي ٿر جي مختلف پوليس چيڪ پوسٽن جا اهلڪار خرچي بهاني تنگ ڪري رهيا آهن، جنهن جو انتظاميا نوٽيس نه ورتو. ٻئي پاسي برسات کانپوءِ لاڙ ۽ ڪاڇي ڏانهن ويل چوپايو مال جا ڌڻ ٿر ڏانهن اچي رهيا آهن، جنهن ڪري ٿر جي روڊن تي هزارين جي تعداد ۾ چوپايو مال هئڻ ڪري ٽرئفڪ جام رهڻ معمول بڻيل آهي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close