پاڪستانسنڌ

نئون ڪوٽ-نفيس نگر روڊ جو ڪم بند، برسات سبب کڏا ٿي پيا

نفيس نگر: نئون ڪوٽ-نفيس نگر روڊ جو ڪم رولڙي جو شڪار ٿي ويو آهي. ايم پي اي مير طارق ٽالپر جي ڪوٽا ۾ ڪروڙين رپين جي لاڳت سان تعمير ٿيندڙ مين روڊ جو ڪم هفتي کان بند هجڻ ۽ مٿان برساتون پوڻ سبب وڇايل ڀٿر ٻاهر نڪري آيا آهن، جنهن سبب وک وک تي گوڏي جيڏا کڏا ٿي پيا. پراونشل هاءِ وي جي نااهلي جي ڪري ٺيڪيدار ۽ عملو روڊ تي ڀٿر اڇلائي غائب ٿي ويو آهي، برساتن دوران سمورو روڊ موت جو مرڪز بڻجي ويو آهي. ان حوالي سان رهواسين سڪندر گشڪوري، مٺو ڀيل، نواز ٽنگڙي ۽ ٻين ٻڌايو ته پراونشل هاءِ وي جي نااهلي ۽ ڪرپشن سبب ڄاڻايل روڊ جو ڪم گذريل هڪ هفتي کان بند پيل آهي، ٺيڪيدار ۽ عملو روڊ مٿي مٽي جي ڀرائي ڪري ناقص ڀٿر وڇائڻ بعد گم ٿي ويو آهي. هنن عملدارن کان مطالبو ڪيو ته روڊ جو ڪم جلد شروع ڪرائي نااهل ٺيڪيدار خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button