پاڪستانسنڌ

بلال ڪاڪا قتل ڪيس ۾ هڪ وڌيڪ جوابدار گرفتار

حيدرآباد: حيدرآباد ۾ 5 ڏينهن اڳ سپر سلاطين هوٽل جي مالڪن هٿان قتل ٿيل نوجوان بلال ڪاڪا جي قتل ڪيس ۾ گرفتار جوابدار شاهسوار پٺاڻ کي ٽن ڏينهن جو جسماني رمانڊ مڪمل ٿيڻ تي سول جوڊيشل مئجسٽريٽ نمبر 4 جي عدالت ۾ پيش ڪيو ويو. عدالت جوابدار کي 7 ڏينهن جي وڌيڪ جسماني رمانڊ تي ڀٽائي نگر پوليس حوالي ڪري ڇڏيو آهي، پوليس مک جوابدار جي ڀا افضل خان کي پڻ گرفتار ڪري ورتو آهي. خبر موجب حيدرآباد جي سپر سلاطين هوٽل جي مالڪن هٿان قتل ٿيل نوجوان بلال ڪاڪا جي قتل ڪيس ۾ گرفتار هڪ جوابدار شاهسوار پٺاڻ کي ڀٽائي نگر پوليس ٽن ڏينهن جو جسماني رمانڊ مڪمل ٿيڻ تي حيدرآباد جي سول جوڊيشل مئجسٽريٽ نمبر 4 جي عدالت ۾ پيش ڪيو. جوابدار کي پيش ڪرڻ وقت وڪيل، سياسي، سماجي اڳواڻ موجود هئا. پوليس عدالت کي استدعا ڪئي ته جوابدار کي 7 ڏينهن جي رمانڊ تي اسان جي حوالي ڪيو وڃي. عدالت پوليس جي استدعا منظور ڪندي جوابدار کي وڌيڪ 7 ڏينهن جي رمانڊ تي ڀٽائي نگر پوليس حوالي ڪري ڇڏيو آهي، ٻئي طرف ڀٽائي نگر پوليس مک جوابدار بختيار پٺاڻ جي ڀا افضل خان کي گرفتار ڪري ورتو آهي. ڀٽائي نگر پوليس ٻڌايو ته جوابدار کي اڄ رمانڊ لا عدالت ۾ پيش ڪيو ويندو.
جڏهن ته پنج ڏينهن گذرڻ باوجود ڀٽائي نگر پوليس ٻين جوابدارن کي گرفتار نه ڪري سگهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button