راولپنڊي: زيارت جي علائقي ۾ جاري ريڪوري آپريشن دوران فورسز جي ڪارروائي ۾ 5 دهشتگرد مارجي ويا جڏهن ته فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ هڪ جوان شهيد ٿي ويو آهي. پاڪ فوج جي ترجمان اداري آءِ ايس پي آر موجب زيارت واري علائقي ۾ ريڪوري آپريشن دوران سيڪيورٽي فورسز دهشتگردن جي هڪ ٺڪاڻي جي نشاندهي ڪئي، جنهن کي ڪليئر ڪيو ويو، گهيراءُ دوران دهشتگردن سيڪيورٽي فورسز تي فائرنگ ڪئي، فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ حوالدار خان محمد شهيد ٿي ويو. آءِ ايس پي آر موجب ڪليئرنس آپريشن دوران پابندي مڙهيل تنظيم بلوچ لبريشن آرمي (بي ايل اي) جا پنج دهشتگرد پڻ مارجي ويا، ٻين ڏوهارين کي پڪڙڻ ۽ عمر جاويد جي بازيابي لاءِ علائقي ۾ ريڪوري آپريشن جاري رهندو.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close