واشنگٽن: آءِ ايم ايف جي ڊائريڪٽر جيري رائس به پاڪستان سان معاهدي جي تصديق ڪندي چيو آهي ته معاهدي تحت پاڪستان هڪ ارب 17 ڪروڙ ڊالر ملندا. آءِ ايم ايف ڊائريڪٽر جيري رائس نئين شرطن کي معاهدي جو حصو بڻائيندي چيو ته رقم ملڻ سان پاڪستان جي اسٽرڪچرل سڌارا وڌندا ۽ ميڪرو اڪنامڪ صورتحال مستحڪم ٿيندي. سندس چوڻ هو ته پاڪستان کي ريونيو وڌائڻو پوندو ۽ وڌيڪ آمدني وارن ماڻهن کان ٽئڪس اوڳاڙڻو پوندو جڏهن ته توانائي واري شعبي ۾ سڌارن کي يقيني بڻائڻ، پاور ٽيرف ۾ وقت سر واڌ، سالياني ري بيسنگ ۽ ٽه ماهي ايڊجسٽمنٽ به ڪرڻي پوندي. آءِ ايم ايف جي شرطن پٽاندڙ پاڪستان کي گورننس ۾ بهتري ۽ ڪرپشن ۾ گهٽتائي آڻڻ لاءِ قدم کڻڻا پوندا. ان کانسواءِ آءِ ايم ايف پاڪستان حڪومت تي اليڪٽرڪ اثاثن جي ڊڪليريشن سسٽم ۽ نيب سميت ڪرپشن جي روڪٿام بابت ادارن کي نئين سر وائزو وٺڻ تي به زور ڏنو آهي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close