فيصل آباد: پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان چيو آهي ته آمريڪا سميت ڪنهن سان به دشمني نٿا چاهيون بس برابري وارا لاڳاپا گهرون ٿا پر واشنگٽن چاهي ٿو ته اسان ان جي غلامي ڪيون. فيصل آباد ۾ چونڊ جلسي کي خطاب ڪندي هن چيو ته آمريڪا کي شهباز شريف جهڙي بوٽ پالش ڪرڻ وارا ماڻهو پسند آهن، زرداري ۽ شريف خاندان 32 ورهين کان پنڻ لاءِ هٿ ٽنگيون بيٺا آهن. هن چيو ته شهباز شريف ۽ زرداري ۾ غيرت هجي ها ته هو خيرات نه گهرن ها. عمران خان پنجاب ۾ ننڍي چونڊ بابت ڳالهائيندي چيو ته قوم 17 جولاءِ تي ڏسڻ چاهي ٿي ته لوٽن کي بيٽ سان سٽڪو اچي، ڪارڪنن کي پولنگ اسٽيشن تي چڪر لڳائڻا آهن، مخالف ڌانڌلي کانسواءِ کٽي نٿا سگهن. هن وزيراعظم شهباز شريف کي تنقيد ڪندي چيو ته شهباز شريف توهان پيٽرول ۽ ڊيزل جا اگهه گهٽائي وڏو ٿورو ڪيو آهي. پي ٽي آءِ چيئرمين چيو ته آءِ ايم ايف جو حڪم آهي انڪري هي ماڻهو ڊيزل ۽ پيٽرول سستو ناهن ڪري رهيا، آءِ ايم ايف اسان کي به چيو هو ته شيون مهانگيون ڪيو پر اسان نه ڪيون، آخري بال تائين چورن جو مقابلو ڪندس.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close