پاڪستان

عالمي مارڪيٽ ۾ اگهه گهٽجڻ تي تيل وڌيڪ سستو ڪبو: مريم نواز

لاهور: مسلم ليگ ن جي نائب صدر مريم نواز چيو آهي ته لاهور تي خراب نظر وجهڻ وارن کي 17 جولاءِ تي مايوس موٽڻو پوندو. ن ليگ جي مرڪزي نائب صدر مريم نواز پنجاب جي تڪ پي پي 168 لاهور ۾ ورڪرز ڪنونشن کي خطاب ڪندي چيو ته پيٽرول اگهه گهٽجڻ کانپوءِ ڪالهه ڪيئي هفتن بعد سڪون جي ننڊ آئي. مريم نواز چيو ته ڏکيو وقت گذري چڪو آهي، هاڻ قوم لاءِ سٺيون خبرون اينديون، پيٽرول ۽ ڊيزل اگهن ۾ لاٿ سان عوام کي رليف ملندو. ان موقعي تي هن عوام کي نواز شريف جو پيغام ٻڌايو ته ن ليگ قائد حڪومت کي پيغام ڏنو آهي ته عالمي منڊي ۾ تيل جي اگهڻ ۾ لاٿ آئي ته ٻن هفتن کانپوءِ وري پيٽروليم شين جا اگهه گھٽايا وڃن. هن چيو ته لاهور نواز شريف جو هو ۽ سدائين نواز شريف جو رهندو. هن چيو ته گذريل چئن ورهين کان لاهور يتيم ۽ لاوارث هو، جيڪڏهن ٿورو وڌيڪ عرصو پي ٽي آءِ جي حڪومت رهي ها ته لاهور کنڊر بڻجي وڃي ها، لاهور تي خراب نظر وجهڻ وارن کي 17 جولاءِ تي مايوس موٽڻو پوندو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button