حيدرآباد: حيدرآباد ۾ هوٽل تي بيدردي سان قتل ٿيل بلال ڪاڪا جي خون سان انصاف لاءِ جيئي سنڌ محاذ ۽ ٻين پارٽين جي ڪارڪنن احتجاجي مظاهرا ڪري ڌرڻا هنيا. اڳواڻن مطالبو ڪيو ته بلال ڪاڪا قتل ڪيس جي سمورن جوابدارن کي گرفتار ڪري ڦاهي ڏني وڃي. ان سلسلي ۾ حيدرآباد ۾ جئي سنڌ محاذ جي سڏ تي حيدرآباد پريس ڪلب سامهون مظاهرو ڪيو ويو. ان موقعي تي اڳواڻن پنهل جمالي، بلاول چولياڻي، ماجد ڀٽو ۽ ٻين خطاب ڪيو. ڀٽ شاھه ۾ شھرين توڙي ڪاڪا برادري جي ماڻهن خالد ڪاڪا، عبدالرزاق ڪاڪا، حسين بخش ڪاڪا، ظفر علي ۽ ٻين جي اڳواڻي ٽنڊوآدم روڊ تي ھٿن ۾ پمفليٽ کڻي احتجاجي مظاھرو ڪيو. سرھاڙي ۾ جسقم اڳواڻن ۽ ڪارڪنن پيار علي مشوري، ظفر مشوري، ڪامران جمالي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ مظاهرو ڪيو. ٽنڊوآدم ۾ جسم جي سڏ تي ڪارڪنن منٺار چولياڻي، شاھنواز چانڊيو، شھباز ڏيرو، سڪندر ڏيرو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ گلشن صديقي پارڪ کان پريس ڪلب تائين ريلي ڪڍي نعريبازي ڪئي. پريالو ۾ مختلف سياسي سماجي پارٽين جي ڪارڪنن ريلي ڪڍي. ٽنڊو غلام علي ۾ جسم ڪارڪنن انتظار رند، زين منگي، وقار کوسو، دين محمد رند ۽ نويد نظاماڻي جي اڳواڻي ۾ چمبڙ ناڪي کان جهنڊا ۽ بينر کڻي احتجاجي ريلي ڪڍي پريس ڪلب اڳيان ڌرڻو ھنيو. لاڙڪاڻي ۾ جيئي سنڌ محاذ جي ڪارڪنن ذوالفقار بليدي، غلام نبي، منٺار بگٽي، عالم خان، ارشاد علي، مور خان ۽ ٻين پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو. ٻئي پاسي سنڌ سڀا جي ڪارڪنن راشد گاڏهي، ڪامريڊ عمران گاڏهي، قربان چانڊيو، شاهد گاڏهي، فدا حسين سرڪي، راشد خاصخيلي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي ريلي ڪڍي پريس ڪلب اڳيان ڌرڻو هنيو. نوابشاهه ۾ ايس ٽي پي ڪارڪنن مگسي، رفيق ملاح، عبدالغفار ڏھراج، شاھنواز ڪيريو، عبدالطيف راھو، ارشد عباسي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ پريس ڪلب ٻاهران احتجاجي مظاهرو ڪري علامتي بک هڙتال ڪئي. هوڏانهن جيئي سنڌ محاذ جي ڪارڪنن نويد ڇٽو، فرحان کوسو، اياز رستماڻي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ نوابشاهه پريس ڪلب ٻاهران احتجاجي مظاهرو ڪيو. نئون ڪوٽ ۾ جئي سنڌ محاذ جي ڪارڪنن سلطان دل، حنيف مرڙاڻي، ڀڳوانداس مھراج، شھزاد چانڊيو، سنڌي عاشق ۽ مصري چانڊيو جي اڳواڻي ۾ مظاهرو ڪيو. سامارو ۾ جسقم اڳواڻن ۽ ڪارڪنن 2 ڪلوميٽر پيرين پنڌ ريلي ڪڍي شهر جو گشت ڪري شاهه لطيف چوڪ تي رمضان خاصخيلي، جميل ڌونڪائي، سارنگ خاصخيلي، منٺار ڌونڪائي، عظيم سنڌي، مجيد ڌونڪائي، احمد علي، صدام، خادم، شان ۽ علي حيدر خاصخيلي جي اڳواڻي ۾ پارٽي جهنڊا کڻي ڌرڻو ھنيو. سجاول جوڻيجو ۾ سياسي سماجي تنظيمن جي اڳواڻن عبدالغفار جلباڻي، اميد بوزدار، نور نبي ڀٽي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ شھر جي مين چوڪ کان پريس ڪلب تائين احتجاجي ريلي ڪڍي. دڙي ۾ جسقم پاران بلال ڪاڪا جي قتل ۽ جوابدار جي گرفتاري لاءِ انور ملاح، ڪامريڊ عزيز سومرو، اشرف سولنگي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪري نعريبازي ڪئي وئي. گهارو ۾ جسقم اڳواڻ پير اياز شاهه جيلاني ۽ ظهير شاهه جي اڳواڻي ۾ ڪارڪنن پريس ڪلب اڳيان مظاهرو ڪيو. ڪڪڙ ۾ جسقم بشير خان، جسقم آريسر گروپ، سنڌ سڀا اڳواڻن ۽ شهرين ارشد ابڙو، لالا اسلم چانڊيو، عرفان جوڻيجو، جبل سنڌي، حزب الله شاهه ۽ ٻين هٿن ۾ پلي ڪارڊ ۽ جهنڊا کڻي بس اسٽاپ کان پريس ڪلب تائين ريلي ڪڍي ڌرڻو هنيو. شاهپورجهانيان ۾ جسقم ڪارڪنن سائين جي ايم سيد چوڪ کان احتجاجي ريلي ڪڍي عبدالفتاح ٻگهيو، منٺار ڏاهري، سرڪش لغاري، ظفر ٻگهيو، نذير سنڌي، معشوق ڏاهري، صدام سنڌي، اڪرم ٻگهيو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ڌرڻو هنيو. هنن مطالبو ڪيو ته شهيد بلال ڪاڪا جي قاتلن کي گرفتار ڪري ڦاهي ڏني وڃي. سڪرنڊ ۾ ايس ٽي پي ضلعي اڳواڻ ڄام حاڪم انڙ، رفيق ملاح، گل انقلابي، سليم مگسي، عنايت الله نوناري ۽ مشتاق ماڃوٺو جي اڳواڻي ۾ ميڊيا سينٽر چوڪ تي ڌرڻو هنيو ويو. هوڏانهن جيئي سنڌ محاذ وارن ميڊيا سينٽر چوڪ تي زوهيب عمراڻي، مشتاق لغاري، ايسر گبول جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو. شيخ ڀرڪيو ۾ پ پ يوٿ پاران جاويد وساڻ، عبدالقدوس نظاماڻي، مير سهتو، اظهر سومرو، علي احمد سٺيو ۽ خالد ملاح جي اڳواڻي ۾ مين چوڪ تي مظاهرو ڪيو. مدئجي ۾ مختلف پارٽين جي ڪارڪنن ھٿن ۾ جھنڊا کڻي رابيل عباسي، تنوير ميمڻ، نظر مينگل ۽ جمن ميراڻي جي اڳواڻي ۾ درگاهه مست علي بخش هڪڙو کان ريلي ڪڍي پريس ڪلب اڳيان ڌرڻو هنيو.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close