اسلام آبادپاڪستان

چيف اليڪشن ڪمشنر کي سوال جواب جو ڪو شوق ناهي:ترجمان

اسلام آباد : پي ٽي آئي چيئرمين عمران خان جي تقرير تي اليڪشن ڪميشن جي ترجمان ردعمل ڏيندي چيو آهي ته چيف اليڪشن ڪمشنر کي ڪوئي شوق نه آهي ته هو ڪنهن کان سوال جواب ڪري. پنهنجي بيان ۾ ترجمان هارون شنواري چيو ته اليڪشن ڪميشن ۽ چيف اليڪشن ڪمشنر کي ايتري وانڌڪائي نه آهي ۽ نه ئي ڪو شوق آهي ته هو ڪنهن کان ڪوئي سوال جواب ڪري نه ئي چيف اليڪشن ڪمشنر پنهنجي آئيني ڪردار لاءِ ڪنهن وٽ جوابده آهي. اجايو ڪنهن خوش خيالي ۾ نه رهڻ گهرجي. ترجمان چيو ته اليڪشن ڪميشن ڪائي سياسي پارٽي نه آهي، ڪنهن کي ڪوئي ڪنفيوزن آهي ته منهنجي آفيس هليو اچي. مان سڀ ڪنفيوزن ختم ڪري ڇڏيندس. اليڪشن ڪميشن پنجاب ۾ ننڍي چونڊ کي شفاف ۽ اڻ ڌري بنائڻ لاءِ پوري طرح سرگرم عمل آهي، مان نه ڪنهن کان سوال ڪيو ۽ نه ڪوئي جواب گهريو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button