بدين :ضلعي رٽرننگ آفيسر/ ڊپٽي ڪمشنر بدين آغا شاهنواز خان چيو آهي ته اليڪشن ڪميشن پاران مڪاني چونڊن لاءِ جاري ڪيل ضابطا اخلاق تي سختي سان عمل ڪرايو ويندو. سمورا سرڪاري آفيسر ۽ ملازم جيڪي مڪاني چونڊن لاءِ پنهنجا فرض سرانجام ڏئي رهيا آهن، انهن کي پڻ ضابطا اخلاق جي پاسداري ڪرڻ گهرجي. هن اها هدايت دربار هال بدين ۾ 24 جولاءِ 2022ع تي ٿيندڙ مڪاني چونڊن جي حوالي سان ڪوٺايل اجلاس جي صدارت ڪندي ڏني. اجلاس ۾ ايس ايس پي بدين شاهنواز چاچڙ، ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر ون بدين نجيب الرحمان جمالي، ضلعي مانيٽرنگ آفيسر زاهد حسين ڀٽو، اليڪشن ڪمشنر بدين اظهر حسين ٽانوري، ضلعي جي سمورن رٽرننگ آفيسرن ۽ سياسي پارٽين جي نمائندن شرڪت ڪئي. ضلعي رٽرننگ آفيسر آغا شاهنواز خان سموري سياسي پارٽين جي نمائندن کي چيو ته هو پنهنجي پولنگ ايجنٽن کي ضابطي اخلاق بابت آگاهه ڪن، جڏهن ته ووٽن جي ڳڻپ دوران رڳو هڪ پولنگ ايجنٽ پولنگ اسٽيشن تي موجود هوندو. هن ريٽرننگ آفيسرن کي هدايت ڪئي ته هو پنهنجي تعلقن ۾ ضابطا اخلاق تي عملدرآمد بابت اجلاس سڏائڻ ۽ ان سلسلي ۾ موجود مسئلن کي حل ڪيو وڃي. هن چيو ته سڄي ضلعي ۾ 22 سئو اميدوارن لاءِ 700 پولنگ اسٽيشنن تي تقريبن 8 لک کان وڌيڪ عوام ووٽ ڪاسٽ ڪندو. هن چيو ته شڪايتن جي بروقت حل لاء شڪايتي سيل پڻ قائم ڪيا ويا آهن، ڪابه غير قانوني ڪارروائي برداشت نه ڪئي ويندي. هن لاڳاپيل آفيسرن کي هدايت ڪئي ته هو پولنگ اسٽيشنن تي موجود سهولتن، گهربل سامان جي ترسيل ۽ اليڪشن جي ڏينهن بابت پلان کي حتمي شڪل ڏين. ايس ايس پي بدين شاهنواز چاچڙ بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته ضلعي پوليس امن امان جي صورتحال تي ڀرپور نظر رکي رهي آهي ۽ ضلعي ۾ بلدياتي چونڊن لاءِ فل پروف سيڪيورٽي فراهم ڪئي ويندي. هن چيو ته حڪمت عملي تحت سڪيورٽي پلان جوڙيو ويو آهي، جنهن ۾ لڳ ڀڳ 700 پولنگ اسٽيشنن مان 142 پولنگ اسٽيشنن کي انتهائي حساس ۽ 270 پولنگ اسٽيشنن کي حساس قرار ڏنو ويو آهي. هن چيو ته حساس پولنگ اسٽيشنن تي 8 اهلڪار ۽ هڪ آفيسر مقرر ڪيو ويندو. جڏهن ته ڪوئيڪ ريسپانس ٽيمون پڻ جوڙيون ويون آهن. ان موقعي تي ضلعي مانيٽرنگ آفيسر زاهد حسين ڀٽو اجلاس کي ضابطي اخلاق بابت بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته ڪا به سياسي پارٽي اليڪشن ڪميشن طرفان منظور ٿيل سائز کان وڏي سائز جا پوسٽر هينڊ بل، پمفليٽ، بينر نه ٺهرائيندي. جڏهن ته سمورين پارٽين جا اميدوارن ان ڳالهه کي يقيني بڻائيندا ته لاڳاپيل پرنٽر/پبلشرز جو نالو ۽ پتو ۽ فون نمبر پوسٽرن، هينڊل بل، پمفليٽ، بينر ۽ تي ڏنل هوندا. هن چيو ته پولنگ واري ڏينهن پولنگ اسٽيشن جي 200 ميٽرن جي اندر ڪنهن به قسم جي مهم ۽ ووٽرن کي قائل ڪرڻ غيرقانوني عمل تصور ڪيو ويندو.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close