اسلام آبادپاڪستان

بشريٰ بيبي جي آڊيو ليڪ جي جاچ لاءِ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ درخواست

اسلام آباد : اڳوڻي وزيراعظم جي گهر واري بشريٰ بي بي ۽ پاڪستان تحريڪ انصاف جي سوشل ميڊيا هيڊ ارسلان خالد جي مبينا آڊيو ليڪ جي جاچ لاءِ عدالت ۾ درخواست داخل ڪئي وئي آهي. وڪيل محمد آصف گجر طرفان اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ داخل ڪيل درخواست ۾ گهرو وزارت، سڌ سماءُ واري وزارت، چيئرمين پيمرا، پي آءِ ڊي، ايف آءِ اي، انٽيليجنس بيورو ۽ اسٽيٽ بئنڪ کي ڌر بڻايو ويو آهي. درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته ايف آءِ اي سائبر ڪرائم ونگ آڊيو ليڪ جي فارنزڪ جاچ ڪري. درخواست ۾ مطالبو ڪيو ويو آهي ته اڳوڻي خاتون اول بشريٰ بي بي ۽ ارسلان خالد کي عدالت ۾ سڏائي آڊيو بابت پڇيو وڃي ۽ درست ثابت ٿيڻ جي صورت ۾ ٻنهي خلاف سخت ڪارروائي ڪئي وڃي. درخواست ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته آڊيو ليڪ ڪرڻ سان ماڻهن جي ذاتي زندگي ۾ مداخلت ڪئي وئي، ان سان پاڪستان جي ڪلچرل، سوشل ۽ عالمي ساک متاثر ٿي، تنهنڪري آڊيو ليڪ ڪرڻ وارن خلاف پڻ قانون پٽاندڙ ڪارروائي ڪئي وڃي. عدالت ۾ داخل درخواست ۾ استدعا ڪئي وئي آهي ته پاڪستان سوشل ميڊيا کي ريگوليٽ ڪرڻ لاءِ قانون موجود ناهي، سوشل ميڊيا تي مواد سان پاڪستان جي اندروني ۽ ٻاهرين ساک متاثر ٿي رهي آهي، گهرو وزارت، سڌ سماءُ واري وزارت ۽ پي آءِ ڊي سوشل ميڊيا رجسٽريشن بابت قدم کڻن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button