
اسلام آباد : تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان جي نيب قانون ۾ ترميمن خلاف درخواست سپريم ڪورٽ ۾ شنوائي لاءِ مقرر ڪئي وئي آهي. چيف جسٽس آف پاڪستان درخواست تي خاص بينچ جوڙي ڇڏي. ايڪسپريس نيوز موجب سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس، نيب ترميمن خلاف عمران خان جي درخواست تي خاص بينچ جوڙي ڇڏي آهي. چيف جسٽس عمر عطا بنديال جي سربراهي ۾ 3 رڪني خصوصي بينچ ۾ جسٽس اعجاز الاحسن ۽ جسٽس منصور علي شاهه شامل آهن. سپريم ڪورٽ جي خاص بينچ 19 جولاءِ تي ساڍي 12 وڳي نيب ترميمن خلاف درخواست تي شنوائي ڪندي. واضح رهي ته عمران خان موجوده حڪومت طرفان نيب ترميمن کي سپريم ڪورٽ ۾ چئلينج ڪري ڇڏيو آهي. سپريم ڪورٽ ۾ داخل درخواست ۾ عمران خان موقف اختيار ڪيو هو ته آرٽيڪل 14، 15، 21، 23 ۾ ترميمون به آئين جي خلاف آهن. نيب قانون ۾ اهي ترميمون آئين جي آرٽيڪل 9، 14، 19 اي، 24، 25 جي بنيادي حقن جي ابتڙ آهن، نيب قانون ۾ ڪيل انهن سمورين ترميمن کي ڪالعدم قرار ڏنو وڃي.